| هانگ ڪانگ سڪسز: پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي هارائي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو |
هانگ ڪانگ(اسپورٽس نيوز) هانگ ڪانگ سڪسز جي ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا کي 5 وڪيٽن سان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. پاڪستاني ڪپتان عباس آفريدي ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. ڏکڻ آفريڪي ٽيم مقرر 6 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 102 رنسون ٺاهيون، پروٽيز طرفان جورڪ وين 40 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته عبد الله بيومي ۽ ڪپتان جارڊن مور هڪ، هڪ رنس ٺاهي. بلڪي سمجمن ۽ يٿن جان ترتيبوار 26 ۽ 29 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.پاڪستان جي محمد شهزاد 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. ڏکڻ آفريڪا جي 103 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان 3.5 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 105 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي. اوپنر عبد الصمد 10 بالن تي 8 ڇڪين جي مدد سان شاندار 50 رنسون ٺاهيون.وڪيٽ ڪيپر بيٽر خواجا نافع 36 جڏهن ته ڪپتان عباس آفريدي ٻن بالن 12 رنسون ٺاهيون.