| هاڪي ورلڊ ڪپ: پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي هارائي 11 هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي |
ايمسٽرڊم(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي 11 هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ميچ مقرر وقت تائين برابر رهي، جنهن کان پوءِ فاتح ٽيم جو فيصلو پينلٽي شوٽ آئوٽ ذريعي ڪيو ويو. ايف آءِ ايڇ هاڪي ورلڊ ڪپ 2026 جي 11 هين ۽ 12 هين پوزيشن واري ميچ ۾ پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا کي سنسني خيز پينلٽي شوٽ آئوٽ ۾ شڪست ڏئي ايونٽ ۾ 11 هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. هالينڊ جي واگنر هاكي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ مقرر وقت تائين برابر رهي، جنهن کان پوءِ فاتح ٽيم جو فيصلو پينلٽي شوٽ آئوٽ ذريعي ڪيو ويو. دٻاءُ جي باوجود پاڪستاني رانديگرن شاندار اعصاب جو مظاهرو ڪندي ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان جي فتح نه رڳو قومي ٽيم کي ورلڊ ڪپ ۾ 11 هين پوزيشن ڏياري پر عالمي رينڪنگ ۾ پڻ اهم بهتري جي راهه هموار ڪري ڇڏي آهي. ٽورنامينٽ کان اڳ پاڪستان ايف آءِ ايڇ عالمي رينڪنگ ۾ 12 هين نمبر تي هو. جيتوڻيڪ، ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪاميابي کان پوءِ گرين شرٽس هڪ درجو ترقي ڪندي 11 هين پوزيشن تي پهچي ويا آهن.