راولپنڊي (پنهنجي ڊيسڪ) نيب راولپنڊي 190 ملين پائونڊز ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سميت 22 اهم سياسي اڳواڻن خلاف جاچ تيز ڪري ڇڏي
نيب اختيارين رڪارڊ ڏيڻ لاءِ صوبائي سيڪريٽري ايڪسائيز کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو، اڳوڻن وزيرن ۽ ڪابينا جي ميمبرز جا نالا، گاڏين، ملڪيتن ۽ اڪائونٽس جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي
نيب پاران شيخ رشيد، پرويز خٽڪ، عمر ايوب، حماد اظهر، مراد سعيد ۽ اسد عمر جي اثاثن جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي
فواد چوڌري، اعظم سواتي، علي زيدي، فيصل واوڊا، علي امين گنڊاپور، خالد مقبول، فروغ نسيم، خسرو بختيار، اعجازشاهه ۽ ٻين جي ملڪيتن جا به تفصيل نيب طلب ڪري ورتا آهن