لاهور (م ڊ) پنجاب جي اوقاف کاتي مزارن تي نذراني لاءِ ڊجيٽلائزيشن جو آعاز ڪري ڇڏيو آهي
“ نذرانه آن لائين ” پورٽل جي ذريعي ملڪي توڙي غير ملڪي عقيدت مند مزارن تي آن لائين چندو جمع ڪرائي سگهندا
سيڪريٽري اوقاف پنجاب ڊاڪٽر طاهر رضا بخاري جو چوڻ آهي ته هن جديد سسٽم سان نذراني جي ڪليڪشن وڌيڪ شفاف ٿيندي
آن لائين ڊونيشن ذريعي ملڪ جي اندران توڙي ٻاهران ملندڙ رقم مزارن جي تعمير، ترقي ۽ زائرين جي فلاح لاءِ خرچ ٿيندي
پنجاب انفارميشن ٽيڪنالوجي بورڊ جي آفيسرن سان گڏ مزارن تي آن لائين نذراني جي حوالي سان ايوان اوقاف ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو
اجلاس ۾ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالوجي بورڊ پنجاب جي طرفان آن لائين ڊونيشن پورٽل جي باري ۾ سيڪريٽري کي بريفنگ ڏني وئي