هاڻ خوش ٿيو،ڪنڌڪوٽ ڇڏي پيا وڃون، ٻچا بازياب ڪرائي ڏيو: هندو برادري

جُون 28, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف احتجاج دوران سيٺ نند لال ۽ ڊاڪٽر ميهرچند چيو ته هاڻ تي چونڊيل نمائندن ۽ پوليس کي خوش ٿيڻ گهرجي ته اسين هندوبرادري هن شهر ڪنڌڪوٽ کي الوداع ڪري وڃي رهيا آهيون

هنن چيو ته هن شهر ۾ نه اسان جا ٻار محفوظ آهن ۽ نه ئي اسان جو ڪاروبار، اسان ڪنهن جي آسري هتي رهون؟

نندلال ۽ ڊاڪٽر ميهرچند چيو ته اسان جا اغوا ٿيل ماڻهو ڌاڙيلن جي قيد مان آزاد ڪرائي ڏنا وڃن ته اسين هتان لڏي پنهنجي ٻارڙن ۽ پنهنجي جان محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪيون

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم-6 حيدرآباد-سکر موٽر وي بابت اجلاس

  • نينگر کي پوليو هجڻ جو شڪ ظاهر

  • قمبر: مري جا قبا ڀرسان ٻٽو قتل

  • جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس بابت اجلاس