| هاڻ وفاقي حڪومت پير پاڳاري جي آشيرواد کانسواءِ نه ٺهي سگهندي: راشد شاهه |
گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ ف ليگ اڳواڻ راشد شاھ راشدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين اليڪشن کي نه مڃيو هو، تنهنڪري حلف ئي نه کنيو هو، حڪومت نه نيت ٺيڪ نه آهي، تنهن ڪري تيل مهانگو ڪيو آهي ۽ عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي، سکر ۾ ڊرون جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، ڊرون جو استعمال ايئن ڪيو ويو، جيئن اسرائيل فلسطين تي حملا ڪندو آهي، سکر پوليس ٻن نوجوانن کي ڊرون حملي ۾ ماري ظلم ڪيو آهي. ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پ پ ۾ ف ليگ جا هم خيال موجود آهن، جيڪي وقت اچڻ تي 50 سيڪڙو ف ليگ ۾ شامل ٿيندا، پ پ ۾ ڪميشن ڏيندڙن کي اهميت حاصل آهي، عزتدار ۽ شهيد بينظير ڀٽو سان ويجهو رهندڙن سياستدان پوئتي ڌڪيو ويو آهن. ف ليگ کي بهادر ماڻهن جي ضرورت آهي، ڊرڄڻن ماڻهن لاءِ آخر ۾ ف ليگ ۾ در کولي انٽري ڏني ويندي. ف ليگ هاڻي ڊرائينگ روم واري سياست ختم ڪري، ڊرائينگ رومن کي تالا هڻي ڇڏيا آهن، ايسيون وڪرو ڪري غريبن کي راشن ۽ سولر ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. ف ليگ کي هيئر ميدان تي آهي. ف، ليگ هاڻي سمورا فيصلا جهموريت سان پير پاگارا جي سربراهي ۾ ڪندي، معظم خان پي ايس 31, 32 مان هڪ تي اليڪشن وڙهندو. جنهن جو پير پاگارو اعلان ڪري چڪو آهي. پي ٽي آءِ باني پنهنجي مرضي سان جيل ۾ ويٺو آهي، اسان خان ڊڪٽيٽ نٿا ڪري سگهون. خان پاڻ هڪ وڏو سياستدان آهي. پي ٽي آءِ باني کي ڪو به جيل ۾ نٿو ويهاري سگهي. مرتضيٰ جتوئي وانگر الله ڪري مونتي ٻڪري چوري جا ڪوڙا ڪيس داخل ٿين ته آئون به جيل وڃي ان ٻڪري جو کير پي ڏسان، هن چيو ته هاڻي وفاقي حڪومت پير پاگاري جي آشيرواد کانسواءِ نه ٺهي سگهندي.