ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻو ناڻي وزير مفتاح اسماعيل به حڪومت جي تعريف ڪرڻ لڳو سندس چوڻ آهي ته انشاءَ الله هاڻي ڏيوالي جو خطرو گهٽ هوندو ۽ ڊالر جو دٻاءُ به آهستي آهستي گهٽجي ويندو، ڪاروباري ماحول ۾ ڦڙتي ۽ نئين اُميد نظر ايندي
ناڻي وزارت کسجڻ بعد حڪومت خلاف ميڊيا تي اچي سخت تنقيد ڪندڙ اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف معاهدي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته معاهدي لاءِ اسان 9 مهينا وڃائي ڇڏيا، هاڻي ملڪ مضبوطي سان صحيح رُخ ۾ ويندو
هن چيو ته سوچڻ گهرجي ته هي معاهدو هڪ نئون موقعو آهي ته اسان پاليسي ۾ بنيادي سڌارا آڻيون، معاشي سڌارا نه آندا ته پاڪستان قرضن جي رحم و ڪرم تي رهندو
مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته عيد جي ڏينهن ۾ ملڪ لاءِ سٺي خبر آئي آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدي تي وزيراعظم شهباز شريف کي واڌايون ڏيان ٿو