اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) عالمي بينڪ پاڪستان کي 50 هزار روپين ۽ ان کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن تي به ٽيڪس لڳائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي
ورلڊ بينڪ پاڪستان کي مشورو ڏنو آهي ته پرسنل انڪم ٽيڪس جو نظام آسان بڻايو وڃي، زرعي شعبي ۾ ساڍا 12 ايڪڙ زمين جي مالڪن تي به ٽيڪس لڳائي وڃي
عالمي بينڪ مناسب تياري ۽ جائزي کانسواءِ شروع ڪيل ترقياتي منصوبا ختم ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته 5 لک روپيا ماهوار آمدني رکندڙن تي 35 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لڳائي وڃي