ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به ته ناهيان:فادر ڊي تي اولاد پاران سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش

جُون 18, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڄ پيءُ جي محبت، شفقت ۽ لازوال قربانين جي اعتراف ۾ ورلڊ فادر ڊي ملهايو پيو وڃي

فادر ڊي  ملهائڻ جو مقصد پيءُ جي عظمت، عزت توڙي وقار جي اعتراف ۽ سندس اهميت کي اجاڳر ڪرڻو آهي سوشل ميڊيا تي به پوسٽون شيئر ڪندي پيءُ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

اختر شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بابا سائين جي ايم ڀگت کي (اَبي جو آدَر ڏڻ) مبارڪ ھجي. شال بابا سائين جي ايم ڀگت جھڙو وشال من، موھ، ديا، گيان ۽ جوڳ رکندڙ ٻاجھري انسان جي ڇايا اسان تي ھميشه رھي. سنڌ جي ھن سھڻي عاشق اسان جھڙن ڇڙواڳن کي به قرب جي ڪڙيءَ ۾ ٻڌي احترامن جا پنڌ ڪرايا آھن، اسان ڀاڳي شالي آھيون، اھڙا اڻموٽ ڪردار مليا آھن، پالڻھار اسان جي بابا جانيءَ کي پنھنجي ٻاجھه ۾ رکي

بختاور ڀٽو زرداري پاران پنهنجي ٻارن ۽ پنهنجي والد آصف علي زرداري جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي والد ۽ هنن جي ڏاڏي کي فادرز ڊي جون واڌايون

نمرين سعيد پنهنجي والد صوبائي وزير سعيد غني والد جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اوهان بهترين والد آهيو

عروسه لاشاري پنهنجي والد سان گڏ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اوهان جي مسلسل حوصلا افزائي مون کي پنهنجي خوابن کي حاصل ڪرڻ جي لائق بڻايو، اوهان جا ٿورا

صدام ڪولاچي پنهنجي والد سان گڏ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته بابا جڏهن به ناراض ٿيندو آهي ته ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندو آهي ، هو ڪاوڙ ڪندو رهندو آهي ۽ آئون سوري چئي بابا چئي هر ڀيري ڀاڪر پائيندو آهيان ۽ پوءِ پيار ۽ شفقت سان نوازيندو آهي، اهي احسان ڪڏهن وساري نٿو سگهان

وارث رضا پوسٽ شيئر اهو ٻڌايو ته هن هڪ والد طور ڪيئن پنهنجي نياڻين جي سار سنڀال، تربيت ڪئي آهي، هن لکيو ته 6 اعليٰ تعليم يافته ۽ باشعور سياسي آگاهه ڌيئرن جو والد آهيان، ننڍپڻ کان سار سنڀال کان اعليٰ تعليم تائين معاون ۽ سهولتڪار رهيو آهيان نتيجي ۾ منهنجي 4 نياڻين عالمي اسڪالر شپ حاصل ڪئي، مون کي جڏهن کنڀيو ويو ته منهنجي نياڻين ڀرپور آواز اٿاريو، هن پوسٽ ۾ والدين لاءِ ڪجهه تجويز پڻ ڏنيون

نزاڪت چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي جو سرمايو سڀ کان وڌيڪ قيمتي ۽ بي مثال هوندو آهي، مسرور کهڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مون کي ڇانو ۾ رکي پاڻ سڙندو رهيو اس ۾، مون ڏٺو هڪ فرشتو والد جي روپ ۾، منور جتوئي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته يادگيرين جا سيلاب ايندا رھيا، بند اکڙين منجھان بند ڀڄندا رھيا

رزاق سروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بابا سائين اوهان جي دعا جا کنيل هي هٿڙا اوهان جي دنيا مان هليو وڃڻ کان پوءِ به منهنجي طاقت،  آٿت، منهنجين ڪاميابين ۽ خوشين جي ضمانت آهن. بابا سائين هونئن ته  توهانجي ياد کان ڪو ڏينهن رات خالي ناهي هوندو پر  اڄ بي اختيار لڙي پيل منهنجا لڙڪ هڪ پٽ طرفان پيار جي ڀيٽا طور قبول ڪجان. شل اوهانجو روح الله پاڪ جي اڻ ڳڻين رحمتن جي ڇانو ۾ هوندو بابا..!!

حڪيم زنگيجو، استاد خالد، غلام رحيم بليدي، عنايت لطف پيرزادو ۽ ٻين به والد کي ڀيٽا لاءِ پوسٽون شيئر ڪيون

Leave A Comment