ها! نواز شريف لاڏلو آهي پر صرف عوام جو امپورٽڊ فتنو ناهي: مريم نواز

جنوري 25, 2024

نڪانه صاحب  (م ڊ)) مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر ۽ سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نواز  شريف عوام جو لاڏلو آهي،امپورٽيڊ فتنو ناهي، هن ڪا به سازش ناهي ڪئي هئي، توهان پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي.  ننڪانه صاحب ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مان پهريون ڀيرو آئي آهيان، رڪارڊ سيءَ ۾ به منهنجون  امڙون ۽ ڀينرون ويٺل آهن، ننڪانه صاحب جا ماڻهو مشڪل وقت کان نه ڊڄندا آهن. مريم نواز چيو ته نوازشريف جڏهن واعدا ڪري رهيو هو ته مان خوش ٿي رهي هئس، نوازشريف هن ننڪانه صاحب کي سجائيندو. ننڪانه فيصلو  ڏئِي ڇڏيو. شينهن کي ننڪانه ۾ فتح حاصل ٿيندي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته  اسان جو مقابلو ڪنهن شخص سان نه، اسان جو مقابلو 20 روپين جي ماني سان آهي.

Leave A Comment