هتي ڪير به پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسانکي تنقيد سان ڪوبه فرق نٿو پوي، آئين ۽ قانون تحت هلون ٿا: چيف جسٽس قاضي فائز

جنوري 30, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اسان کي تنقيد سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، اسان آئين ۽ قانون مطابق هلون ٿا

صحافين جي هراسمينٽ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ هلائي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته سچ انسان کي آزاد ڪري ڇڏي ٿو، سچ ته هر طرف کان بلڪل غائب ٿي چڪو آهي، ڇا صحافي ڪوڙي رپورٽ ڪري سگهي ٿو؟

اٽارني جنرل ٻڌڻي دوران عدالت کي خاطري ڪرائي ته صحافين خلاف ايف آءِ اي جا نوٽيسز چونڊن کانپوءِ کنيا ويندا، چيف جسٽس چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون واضح آهي، جيستائين ججز ڪميٽي ۾ معاملو نه وڃي عدالت ڪو به حڪم جاري نه ٿي ڪري سگهي

قاضي فائز چيو ته مسئلو اهو آهي ته هتي ڪير به پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ڪالهه عدالت ان جي ڪري ئي ڪو حڪم جاري نه ڪيو، هاڻي قانون مطابق سسٽم ٺهي چڪو آهي، ڪميٽي کانسواءِ اڳتي نه ٿا وڌي سگهون، جيڪڏهن عدالت ائين ئي سو مو ٽو وٺندي ته صحافي اعتراض ڪندا، ڪيس اڳتي ڪيئن وڌايون اهو ٻڌايو

Leave A Comment