| هربجن ورلڊڪپ 2026ع جي سيمي فائنلسٽن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي |
نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي اسپنر هربجن سنگهه 2026 جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنلسٽن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.اسپنر هربجن سنگهه انهن ٽيمن لاءِ پنهنجي اڳڪٿي ڪئي آهي جيڪي 7 فيبروري کان شروع ٿيندڙ آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 جي سيمي فائنل ۾ پهچنديون.خاص طور تي هربجن ڀارت ۽ سريلنڪا جي گڏيل ميزباني هيٺ ايندڙ ايڊيشن ۾ ٽيون ٽائيٽل کٽڻ لاءِ پنهنجي پسنديده ٽيمن ۾ ٻه ڀيرا چيمپيئن انگلينڊ کي شامل نه ڪيو.هربجن چيو ته مين ان بليو يعني ڀارت مقامي حالتن کي سنڀالڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته هن چيو ته انهن جي ڪاميابي وڏي حد تائين اميدن جي دٻاءُ کي منظم ڪرڻ تي منحصر هوندي.ڀارت سان گڏ هن آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا کي چونڊيو، جڏهن ته افغانستان کي چوٿين فائنلسٽ ٽيم طور پيش ڪيو..هربجن چيو ته مون کي لڳي ٿو ته ڀارت وٽ ٽي- 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ جو تمام سٺو موقعو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي هڪ تمام مضبوط ٽيم آهن ۽ اهي گهر ۾ کيڏي رهيا آهن ۽ اهي ڪنهن ٻئي کان حالتن بهتر کي ڄاڻن ٿا.