هرمز بابت ڪا ڌمڪي ۽ ناڪابندي قبول ناهي: قطر

هرمز بابت ڪا ڌمڪي ۽ ناڪابندي قبول ناهي: قطر

دوحا (م ڊ) قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته قطر هرمز کاڙي جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڌمڪي يا ناڪابندي کي قبول نه ڪندو. ماجد الانصاري هرمز کاڙي کي سوديبازي جي چپ طور استعمال ڪرڻ جي خطرن کان خبردار ڪيو ۽ چيو ته اهو سڌو سنئون عالمي توانائي جي سيڪيورٽي سان لاڳاپيل آهي اهڙا عمل غير ذميواراڻا آهن ۽ مهم جوئي کي برداشت نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ٽياڪڙ جي حيثيت سان بهترين ڪم ڪري رهيو آهي. اسان هن شروعات جي حمايت ڪريون ٿا ۽ هميشه هن مسئلي تي علائقائي سطح ۽ ان کان ٻاهر پنهنجي سڀني ڀائيوارن سان رابطي ۾ رهيا آهيون. هن زور ڏنو ته ڳالهين جي دائري کي وڌائڻ جي ڪا ضرورت ناهي، پر هڪ پرامن ۽ سفارتي حل جي حمايت ڪرڻ جي ضرورت آهي. لبنان جي حوالي سان، ماجد الانصاري لبنان ۽ ان جي هٿياربند فوجن لاءِ پنهنجي ملڪ جي حمايت کي ورجايو.