لنڊن/واشنگٽن (م ڊ) يمن جي حوثي باغين باب المندب جي سامونڊي لنگهه جي اهم ٻيٽ ميون تي قبضو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته آمريڪا ٻه ڀيرا رابطو ڪرڻ باوجود سعودي جي مدد لاءِ حوثين تي حملو ڪرڻ کان انڪا ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته حوثين پيريم ٻيٽ، جنهن کي ميون پڻ چيو وڃي ٿو، جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. مقامي سرڪاري اهلڪار ٻڌايو ته سرڪاري فورسز جي واپسي کان هڪ ڏينهن پوءِ هٿياربند حوثي باغين کي کڻي ايندڙ ٻيڙيون ميون ٻيٽ تي پهتيون. ميون ٻيٽ کي باب المندب ٻيٽ به چيو ويندو آهي ۽ سامونڊي لنگهه جي وچ ۾ موجود آهي ۽ ان کي ٻن سامونڊي رستن ۾ ورهائي ٿو. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي حوثي باغين خلاف ڪارروائي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڳاڙهي سمنڊ ۾ حوثي باغين جي خطري بابت سعودي ولي عهد گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ٽرمپ سان ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. محمد بن سلمان ٽرمپ تي زور ڏنو ته هو حوثين خلاف ڪارروائي ڪري، پر آمريڪي صدر حوثين خلاف ڪارروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو. هڪ آمريڪي عهديدار چيو آهي ته آمريڪا سعودي عرب کي حوثين سان لاڳاپيل انٽيليجنس ۽ ٽارگيٽ سڃاڻپ ڊيٽا فراهم ڪندو. آمريڪي عهديدار موجب، تقريبن 200 آمريڪي فوجي اهلڪار اڳ ۾ ئي سعودي عرب ۾ آهن، جيڪي سعودي عرب کي غير فوجي مدد فراهم ڪري رهيا آهن.