هرمز بندش جا اثر هاڻ شروع ٿيا، مهانگائي وڌندي: توانائي ايجنسي

هرمز بندش جا اثر هاڻ شروع ٿيا، مهانگائي وڌندي: توانائي ايجنسي

ويانا (م ڊ) بين الاقوامي توانائي ايجنسي جي سربراهه فاتح بيرول خبردار ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ هرمز کاڙي جي ڊگهي بندش جي نتيجن کي گهٽ سمجهي رهي آهي ۽ توانائي جون قيمتون وڌي وينديون. بيرول چيو ته ايشيائي مارڪيٽن ۾ تيل، گئس يا ٻارڻ جي ڪا نئين کيپ نھ پھتي آھي جنھن ڪري سپلاءِ جي کوٽ اڃا هاڻي ظاهر ٿيڻ شروع ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪمزور ڪرنسي ۽ وڌيڪ محدود مالي وسيلن جي ڪري غريب ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا. بيرول اهو به خبردار ڪيو ته جيڪڏهن خام تيل ريفائنريز تائين نه پهچي سگهيو ته گاسليٽ ۽ ڊيزل جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن جي ڪري ڪجهه ملڪن ۾ پروازن ۾ خلل، منسوخي ۽ صنعتي سپلاءِ جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.