هرمز جي بندش سبب بحري ٽريفڪ جو متبادل رستن ڏانهن رخ

هرمز جي بندش سبب بحري ٽريفڪ جو متبادل رستن ڏانهن رخ

دوحا (م ڊ) جنگ جي ٽئين هفتي دوران هرمز کاڙي  ۾ بحري ٽريفڪ بيٺل آھي جنھن جي نتيجي ۾ 686 جهاز ڦاٿل آهن جن مان 400 جھاز عمان نار ۾ آهن. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تھ جھازن جي انتظاميا ھرمز کاڙي کي ڇڏي متبادل رستن جي چونڊ ڪئي آھي. 15 مارچ کانپوءِ ھرمز مان رڳو 16 جھاز گذريا آھن جنھن ۾ 8 تمام وڏا جھاز بھ شامل آھن انھن ۾ ھڪ آمريڪا جي پابندي جو شڪار جھاز بھ شامل آھي.