هرمز جي بندش: فراڊي سرگرم، شپنگ ڪمپنين کي پيغام

هرمز جي بندش: فراڊي سرگرم، شپنگ ڪمپنين کي پيغام

لنڊن (م ڊ) مالي جعلسازن جو ايران آمريڪا جنگ ۾ هرمز جي بندش جي ڪري هڪ نئون اسڪينڊل سامهون آيو آهي. ڪيترين ئي شپنگ ڪمپنين کي جعلي آڇ ڪئي وئي آهي ته انهن جا جهاز ادائيگي جي بدلي هرمز مان محفوظ طور تي گذري سگهن ٿا. ايٿنس مان رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترين ئي بين الاقوامي شپنگ ڪمپنين کي مليل پيغامن ۾ آڇ ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن اهي مالي ادائيگي ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته انهن جا ڪارگو جهاز ترجيحي بنيادن تي ۽ محفوظ طور هرمز مان گذري سگهن ٿا. اهڙا پيغام مالي فراڊ ۽ فريب جي ارادي سان ڪمرشل شپنگ ڪمپنين کي موڪليا ويا هئا جن جا ڪارگو جهاز هن وقت فارسي خليج ۾ هرمز جي ويجهو بيٺل آهن. پيغامن ۾ اهو به لکيو ته ادائيگي ڪرپٽو ڪرنسي جي صورت ۾ ڪئي وڃي.