هرمز جي ناڪابندي ڳالهين ۾ رنڊڪ آهي (فيلڊ مارشل) ٽرمپ پاران غور جي خاطري

هرمز جي ناڪابندي ڳالهين ۾ رنڊڪ آهي (فيلڊ مارشل) ٽرمپ پاران غور جي خاطري

اسلام آباد (م ڊ)  فيلڊ مارشل آرمي چيف عاصم منير آمريڪي صدر کي چيو آهي ته هرمز کاڙي جي ناڪابندي ڳالهين جي عمل ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. برطانوي خابرو ايجنسي پاڪستاني سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان رابطو ڪيو جنهن ۾ ايران سان ڳالهين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ت فيلڊ مارشل عاصم منير ٽرمپ سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هرمز کاڙي جي ناڪابندي ڳالهين جي عمل ۾ رنڊڪ بڻيل آهي. جنهن تي آمريڪي صدر جواب ۾ چيو ته مان فيلڊ مارشل جي راءِ تي غور ڪندس. موجوده خطي جي صورتحال ۾ اهو رابطو ڪافي اهم تصور ڪيو پيو وڃي.