| هرمز وٽ ٽئڪس يا لنگهن تي پابندي قبول ناهي: برطانوي وزيراعظم |
دوحا (م ڊ) برطانوي وزيراعظم جو نار ملڪن جو دورو، ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته آبنائي هرمز وٽ ٽول ٽئڪس يا لنگهن تي پابندي قبول جوڳي نه آهي، هن چيو ته هاڻوڪي جنگبندي نهايت نازڪ آهي، خطي ۾ ڪنهن به قسم جي امن معاهدي ۾ هرمز وٽ ٽول ٽئڪس يا لنگهن تي پابندي قبول نه هوندي، دوحا ۾ قطري امير سان برطانوي وزيراعظم ملاقات ڪئي. اُن کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ برطانوي وزيراعظم وچ ۾ فون تي رابطي دوران آبنائي هرمز جي بحاليءَ لاءِ عملي منصوبي جي ضرورت تي زور ڏنو. برطانوي وزيراعظم جو وزيراعظم شهباز سان فون تي رابطو ٿيو، جنگبندي ۾ پاڪستاني ڪردار جي ساراهه ڪئي.