| هرمز کاڙي ۾ دشمن کي روڪڻ جو حق آهي: ايران |
تهران (م ڊ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته هرمز کاڙي ۾ دشمن جهازن جي اچ وڃ روڪڻ ايران جو قانوني حق آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيرس سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته هرمز کاڙي ۾ موجوده عدم استحڪام آمريڪي ۽ اسرائيلي اڳرائيءَ جو نتيجو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايران جا لاڳاپيل ادارا هرمز کاڙي ۾ جهازن جي محفوظ چر پر بابت پنهنجين ذميوارين کان واقف آهن ۽ ضروري قدم کڻي چڪا آهن.