هرمز کاڙي ۾ ڇڪتاڻ: ايران ٽيڪس لڳائي ڇڏيو، ڀتو قرار، آمريڪا جو ناڪابندي جو حڪم، سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏينداسين: ٽرمپ

هرمز کاڙي ۾ ڇڪتاڻ: ايران ٽيڪس لڳائي ڇڏيو، ڀتو قرار، آمريڪا جو ناڪابندي جو حڪم، سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏينداسين: ٽرمپ

واشنگٽن/تهران(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي بحريا فوري طور آبناءِ هرمز جي ناڪابندي شروع ڪري ۽ ايران کي ٽول ادا ڪندڙ جهازن کي به روڪيو وڃي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون بنا معاهدي ختم ٿي ويون، توڙي جو گهڻن نڪتن تي اتفاق ٿي ويو هو پر ايران جي جوهري پروگرام تي اختلاف برقرار رهيو. هن چيو ته آمريڪي بحريا جيڪا دنيا جي بهترين بحريا آهي، فوري طور تي آبناءِ هرمز جي ناڪابندي ۽ اتان داخل ٿيندڙ يا نڪرندڙ سڀني جهازن جي ناڪابندي جو عمل شروع ڪري ڇڏي. سندس چوڻ هو ته بحريا عالمي پاڻين ۾ هر ان جهاز کي روڪي، جنهن ايران کي ٽول ادا ڪيو هجي، جيڪو به غير قانوني ٽول ادا ڪندو، ان کي کليل سمنڊ ۾ محفوظ رستو نه ملندو. ٽرمپ چيو ته ناڪابندي کانپوءِ ڪنهن به وقت اسان آبناءِ هرمز مان سڀني جهازن کي اچ وڃ جي اجازت ڏيڻ جي بنياد تي پهچي وينداسين. هن چيو ته ايران ائين نه ٿيڻ ڏنو ۽ چيو ته اتي بارودي سرنگهون آهن، جنهن بابت ايران کانسواءِ ڪنهن کي علم ناهي، اها عالمي ڀتي خوري آهي ۽ ٻيا ملڪ، خاص طور آمريڪا ڪڏهن ڀتو نه ڏيندو. آمريڪي صدر چيو ته آبناءِ هرمز ۾ ايران جي وڇايل سرنگهن کي به تباهه ڪرڻ شروع ڪنداسين، اسان تي يا جهازن تي حملو ڪندڙ ايرانين کي ماري ڇڏينداسين. هن چيو ته ايران جي بحريا ۽ فضائيا ختم ٿي چڪي آهي، جهاز روڪيندڙ نظام ۽ ريڊار ناڪارا ٿي ويا، خامنه اي سيمت ٻيا اڳواڻ دنيا ۾ ناهن رهيا، اهو سڀ ڪجهه ايران جي جوهري خواهش سبب ٿيو. ٽرمپ چيو ته ٻيا ملڪ به ان ناڪابندي ۾ شامل هوندا، اسان مڪمل طور تيار ۽ هٿيارن سان ليس آهيون، مناسب وقت تي اسان جي فوج ايران ۾ جيڪو ڪجهه بچيو آهي، اهو ختم ڪري ڇڏيندي.صدر ٽرمپ اهو به چيو ته مون آمريڪي بحريه کي هدايت ڪئي آهي ته بين الاقوامي پاڻين ۾ هر ان جهاز کي ڳولهي ضبط ڪري جيڪو ايران کي ٽول ادا ڪري چڪو آهي جيڪو به غير قانوني ٽول ادا ڪري ٿو ان کي کليل سمنڊن ۾ محفوظ رستو نه ڏنو ويندو. ٻيا ملڪ به هن بلاڪ ۾ شامل ٿيندا، فاڪس نيوز سان هڪ انٽرويو ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته نيٽو هرمز کي ‘کولڻ’ ۾ مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. آمريڪا نيٽو کان تمام گهڻو مايوس هو پر هاڻي اهي اچي هرمز کي کولڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهين ٿا. رستي کي کولڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو، تنهن ڪري اسان هرمز کي ڪنهن به قيمت تي کولينداسين ۽ اهو رستو تمام جلد ٻيهر استعمال لائق هوندو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا اتي بارودي سرنگهون صاف ڪندڙ جهاز موڪلي رهيو آهي ۽ برطانيه به موڪليندو. هوڏانهن ايراني تيل بابت نائب وزير محمد صادق عظيمفر چيو آهي ته آمريڪا، اسرائيلي حملن ۾ تباهه ٿيل آئل ريفائننگ صلاحيت 2 مهينن تائين 70 کان 80 سيڪڙو تائين بحال ٿيڻ جي اميد آهي. ايراني ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي محمد صادق عظيمفر چيو ته اميد آهي ته لاوان ريفائني جو ڪجهه حصو تقريبن 10 ڏينهن ۾ ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيندو جڏهن ته حملن ۾ تباهه ٿيل آئل ريفائننگ صلاحيت 2 مهينن تائين 70 کان 80 سيڪڙو تائين بحال ٿيڻ جي اميد آهي. ٻئي طرف روسي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ايراني پارلياماني نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو ته هرمز کاڙي مان گذرندڙ هر جهاز کي نئين ڪنٽرول نظام جي تحت ٽول ڏيڻو پوندو. ابراهيم عزيزي وڌيڪ چيو ته حڪومت قومي مفادن جي تحت هرمز کاڙي تي ڪنٽرول ۽ مينجيمنٽ قائم ڪندي، اسان آمريڪين تي اعتماد نٿا ڪري سگهون.
 

لنڊن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايران جي بيانن بعد هرمز جي صورتحال وري ڇڪتاڻ واري ٿي وئي آهي. بي بي سي موجب دنيا جي سڀ کان اهم آبي رستن مان هڪ کي ايران جزوي پر اثرائتي نموني بند ڪيو آهي ۽ صرف انهن جهازن کي گذرڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي جيڪي يا ته ايران جا اتحادي آهن يا اهي ملڪ جن کي تهران دوست سمجهي ٿو يا اهي جن بابت يقين آهي ته انهن ٽول ۾ تقريباً 2 ملين ڊالر ادا ڪيا آهن. جيڪڏهن ٽرمپ جي ڌمڪي تي عمل ڪيو ويو ته عالمي مارڪيٽن تائين پهچڻ واري تيل جو مقدار وڌيڪ گهٽجي ويندو. جنهن جا سنگين معاشي نتيجا نڪرندا. اهي بيان مڪمل جنگ جي شروعات ناهن پر صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهيا آهن.