هرمز کلڻ جو فائدو: عالمي مارڪيٽ ۾ تيل تقريبن 12 سيڪڙو سستو

هرمز کلڻ جو فائدو: عالمي مارڪيٽ ۾ تيل تقريبن 12 سيڪڙو سستو

لنڊن/نيويارڪ(م ڊ) ايران پاران هرمز کاڙي کولڻ جي اعلان کان پوءِ ڪچي تيل جون قيمتون گهٽجي ويون آهن، عالمي منڊي ۾ آمريڪي خام تيل جي في بيرل قيمت ۾ اوچتو 11.82 سيڪڙو گهٽتائي ٿي وئي آهي. جنهن تحت آمريڪي خام تيل 93.61 ڊالر مان گهٽجي 83.50 ڊالر في بيرل ٿي ويو، برطانوي برينٽ جي في بيرل قيمت ۾ لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. عالمي منڊي ۾ برطانوي برينٽ 98.33 ڊالر مان گهٽجي 89.76 ڊالر تي اچي ويو آهي.