| هرمز کولڻ گهرجي: برطانوي وزيراعظم جو ٽرمپ سان رابطو |
لنڊن (م ڊ) برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر حملي بعد آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان فون تي رابطو ڪيو ۽ هرمز بابت ڳالهايو. ان باري ۾ 10 ڊائوننگ اسٽريٽ جي ترجمان چيو ته برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آچر تي هڪ ڪال دوران هرمز کاڙي ۾ ٻيهر جهازن جي اچ وڃ جي فوري ضرورت تي ڳالهايو. وزيراعظم نيويگيشن جي آزادي کي بحال ڪرڻ لاءِ فرانسيسي صدر ميڪرون سان ٿيل ڳالهين کان به آگاهه ڪيو. هن حملي جي مذمت ڪندي ٽرمپ ۽ ميلانيا جي محفوظ رهڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.