| هرمز ۾ ايران جا ٽن بحري جهازن تي حملا، ٻن تي قبضو، بندرگاهه منتقل |
تهران (م ڊ) نار ۾ ڇڪتاڻ سبب ساموندي سيڪيورٽي صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي، ايران ٽن بحري جهازن تي حملو ۽ ٻن تي قبضو ڪري ورتو ميري ٽائم ذريعن پاناما جي پرچم واري جهاز يوفوريا اطلاع ڏنو ته ان تي ايران جي سمنڊ ڀرسان تقريبن 8 ناٽيڪل ميل (15 ڪلو ميٽر) اولهه ۾ فائرنگ ڪئي وئي پر خوش قسمتي سان سمورو عملو محفوظ رهيو. ان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ هڪ ٻئي ڪارگو جهاز ايپامينونڊاس تي عمان ڀرسان 15 ناٽيڪل ميل (28 ڪلو ميٽر) اتر اوڀر ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز جي برج کي سخت نقصان پهتو. پاناما جي پرچم واري ايم ايس سي فرانسسڪا ايران جي ساحل کان تقريباً ڇهه ناٽيڪل ميل پري حملو ڪيو ويو. ذريعن موجب متاثر جهاز ايم ايس سي فرانسسڪا دمام کان سنگاپور وڃي رهيو هو. ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب اها ڪارروائي سامونڊي قانونن تحت ڪئي وئي ڇو ته لاڳاپيل جهاز جاري ڪيل وارننگز کي نظرانداز ڪيو هو. پاسداران انقلاب جي بحريا جو چوڻ آهي ته ايم ايس سي فرانسسڪا ۽ ايپامينونڊاس کي تحويل ۾ وٺي ايراني سمنڊ تي منتقل ڪيو پيو وڃي.