هرمز ۾ بارودي سرنگهن جو ڄار، ايران پاران متبادل لنگهه جو نقشو جاري

هرمز ۾ بارودي سرنگهن جو ڄار، ايران پاران متبادل لنگهه جو نقشو جاري

تهران (م ڊ) ايراني پاسدارانِ انقلاب آبناءِ هرمز ۾ بارودي سرنگهن کان محفوظ رهڻ لاءِ جهازن لاءِ متبادل سامونڊي لنگهن جو نقشو جاري ڪري ڇڏيو. ايراني ميڊيا رپورٽن موجب، نقشي ۾ هڪ مخصوص هنڌ تي دائري کي خطري وارو علائقو يا ڊئنجر زون قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پاسدارانِ انقلاب جي بحريه هدايت ڪئي آهي ته جهاز ان علائقي مان باحفاظت گذرڻ لاءِ ساڻن رابطو ڪن.
بيان موجب، اهي آئل ٽينڪر جيڪي پهريان آبناءِ هرمز جي ڏاکڻي حصي ۾ عمان جي ويجهو گذرندا هئا کين هاڻي اتر وارو رستو اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جيڪو ايراني سامونڊي پٽي جي ويجهو آهي.