| هرمز ۾ فوجي موجودگي: ايران پاران برطانيا ۽ فرانس کي چتاءُ |
تهران (م ڊ) ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي خبردار ڪيو آهي ته آبنائي هرمز خطي کان ٻاهرين طاقتن جي فوجي طاقت جي مظاهري جو ميدان ناهي. هن جو اِهو بيان برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ۽ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي ان گڏيل بيان کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ آبنائي هرمز ۾ جهازن جي آزاداڻي اچ وڃ کي يقيني بڻائڻ لاءِ گهڻ ملڪي فوجي مشن جي مقرري جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ڪاظم غريب آبادي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾چيو ته ايران هڪ ذميوار طاقت ۽ آبنائي هرمز جي سلامتي جو ضامن آهي ۽ ان آبي لنگهه ۾ ڪنهن به فوجي حرڪت بابت خبردار ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته آبنائي هرمز جي سلامتي جي ذميواري سامونڊي پٽي وارين رياستن تي لاڳو ٿئي ٿي، جڏهن ته بحران پيدا ڪندڙن کي پنهنجي اڳرائي جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هي هڪ سنجيده چتاءُ آهي.هوڏانهن فرانس آبنائي هرمز ۾ بارودي سرنگهن جي صفائي لاءِ مائن هنٽرز مقرر ڪري ڇڏيا،