| هرمز ۾ ڪنهن به ملڪ مداخلت ڪئي ته ايران حملو ڪندو: تجزياڪار |
دوحا: جيڪڏھن امريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ ۾ يا وري ھرمز کاڙي ۾ ڪنھن بھ ٻئي ملڪ مداخلت جي ڪوشش ڪئي تھ ايران ان تي بھ حملا ڪندو. اھا ڳالھھ الجزيرھ جي ھڪ رپورٽ ۾ چئي وئي آھي. رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ھرمز کاڙي ۾ ٻين ملڪن کان مدد طلب ڪرڻ وارن بيانن کي ايران ۾ ڪمزوري سمجهيو پيو وڃي. ايران جو اھو بھ واضح جواب آهي ته ڪو به ٽيون ملڪ ھن تڪرار ۾ ملوث ٿيندو ته ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا.