هرمز ۾ 60 ڏينهن بعد ٽيڪس، ڏکڻ ۽ اتر طرف رستا: ايران عمان ٺاهه جا شرط پڌرا، آمريڪا ڪيميائي هٿيار استعمال ڪيا: ايران

تهران (م ڊ) ايران آمريڪا تي ڪيميائي حملو ڪرڻ جو الزام هنيو آهي ايراني صحت واري وزارت جي ريسرچ ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي هيڊ جو چوڻ آهي ته فارس صوبي جي شهر لامرد تي بمباري ۾ اهڙا ثبوت مليا آهن جيڪي ڏيکارين ٿا ته ڪيرايل بمن ۾ فاسفورس استعمال ڪيو ويو هو. شاهين آخوندزاده جو چوڻ آهي ته ايراني صحت واري وزارت بم ڌماڪي جي جاچ ڪئي آهي ۽ اميد رکي ٿي ته ان جا نتيجا بين الاقوامي فورمن تي شايع ڪيا ويندا. هن زور ڏنو ته لامرد تي حملي ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو. صحت واري وزارت جي آفيسر موجب، بمن ۾ فاسفورس مستقل زخم پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي شفا ڏيڻ ۾ هفتا لڳي سگهن ٿا.
 

تهران (م ڊ) پاسداران انقلاب جي ترجمان ۽ ميجر جنرل محبي هرمزکاڙي کي کولڻ لاءِ پنهنجون سڀ شرطون واضح ڪري ڇڏيون آهن. ايراني ميڊيا موجب پاسداران انقلاب جي ترجمان ۽ ميجر جنرل محبي چيو آهي ته هرمزکاڙي کي ٻيهر کولڻ جو فيصلو ايران پاران اعلان ڪيل شرطن جي قبوليت سان مشروط آهي. پاسداران انقلاب اهو واضح ڪيو آهي ته هرمزکاڙي صرف تڏهن کوليو ويندو جڏهن آمريڪا ايراني شرطن کي قبول ڪري. پاسداران انقلاب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هرمزکاڙي جي بحالي جو ايران ۽ عمان جي وچ ۾ ڳالهين سان ڪو به تعلق ناهي. ميجر جنرل محبي خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا کي ايران، عمان ۽ ٻين علائقائي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين ۾ مداخلت ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته هرمزکاڙي کي ٻيهر کولڻ هڪ مخصوص طريقيڪار ۽ شرطن سان مشروط آهي. پاسداران انقلاب جي ترجمان زور ڏنو ته انهن لاءِ، هرمز جو کاڙي صرف هڪ اقتصادي آبي رستو ناهي، پر جيو پوليٽيڪل، سياسي ۽ اسٽريٽجڪ طاقت جو هڪ اهم عنصر آهي. امڪاني معاهدي جا نقطا هي آهن ته کاڙي ۾ داخل ٿيندڙ ۽ خليج ۾ داخل ٿيندڙ سڀئي جهاز ايراني پاڻي ذريعي اترئين رستي کي استعمال ڪندا. کاڙي مان نڪرندڙ ۽ عربي سمنڊ ۾ داخل ٿيندڙ سڀئي جهاز عماني پاڻي ذريعي ڏکڻ رستي کي استعمال ڪندا ۽ اهو ايران سان هم آهنگي ۾ ڪيو ويندو. 60 ڏينهن جي عرصي دوران ڪو به ٽول يا فيس وصول نه ڪئي ويندي. پارٽيون 30 ڏينهن اندر کاڙي جي وچين رستي ۾ سامونڊي سرنگن کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪم ڪنديون. هڪ ڀيرو وچين رستو صاف ٿي ويندو، اهو اندروني ۽ ٻاهرين سامونڊي ٽرئفڪ لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ۽ عمان ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيل مستقل انتظام جون شرطون ان تي لاڳو ٿينديون. رپورٽ موجب عمان ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين کان علاوه، قطر، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا عملدار پڻ ثالثي جي ڪوششن ۾ شامل هئا.
 

تهران (م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته عمان سان ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدو آخري مرحلن ۾ آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هرمز کاڙي ترت کلي ويندو. عباس عراقچي موجب، هرمز کاڙي مان گذرندڙ ٽريفڪ جي رستي، قانوني طريقيڪار ۽ انتظام بابت عمان سان ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته فني ۽ قانوني پيچيدگين سبب عارضي رستي تي اتفاق لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته هرمز کاڙي کولڻ ٻين شرطن سان مشروط آهي، جن ۾ آمريڪا طرفان ”اسلام آباد مفاهمتي ٺاه“ جي ڀڃڪڙين جو ازالو ۽ هرجاڻو ادا ڪرڻ پڻ شامل آهي. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته عارضي رستي تي اتفاق کانپوءِ ان کي مستقبل ۾ هرمز کاڙي جي مرڪزي رستي جي بنياد طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. واضح رهي ته ان کان اڳ پاسدارانِ انقلاب اعلان ڪيو هو ته هرمز کاڙي تيستائين نه کوليو ويندو، جيستائين آمريڪا ايران جون سموريون شرطون قبول نه ڪندو.