قاضي احمد(ن پ و) عورتاڻي آواز تي هرکجي ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويل نوجوان صابر گبول ڌاڙيلن وٽان بازياب ناهي سگهيو گهر ڀاتي بيوسي لاچاري بعد قران پاڪ پينگهي ۾ لوڏي مغوي جي بازيابي لاء ٻاڏائي رهيا آھن
ڳوٺ عرس گبول جو نوجوان 13 ڏينهن اڳ هرکجي اغوا ٿيو جنهن بعد ڌاڙيلن سندس بازيابي لاءِ 40 لک رپيا ڀنگُ طلب ڪئي جڏهن ته نوجوان صابر گبول جي گهر۾ بدستور ڪھرام متل آھي
مقامي پوليس طرفان مغوي جي اغوا جي واردات پنو عاقل پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ٿيڻ سبب ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو
وارثن پوليس جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ڏيکاريندي ڌاڙيلن کي قران جا واسطا وجهي اپيل ڪئي آھي ته اسين مسڪين غريب آھيون ڀنگ نٿا ڀري سگهون، اسان جي پٽ کي آزاد ڪيو وڃي