هر سال 10 مئي تي يوم معرڪه حق ملهائڻ، شهيدن ۽ زخمين لاءِ امدادي پيڪيج جو اعلان

مَي 13, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آپريشن بنيان المرصوص جي شاندار ڪاميابي تي وزيراعظم طرفان هر سال 10 مئي تي “يوم معرڪه حق” ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته يوم معرڪه حق هر سال سڄي ملڪ ۾ جوش، جذبي ۽ قومي اتحاد سان ملهايو ويندو. اسان جي بهادر فوجن جي پيشوراڻي صلاحيتن اسان جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پاڪستان کي دفاعي محاذ تي شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ الله جي حضور سجده شڪر ادا ڪرڻ جو ڏينهن ملهائڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. وزير اعظم چيو ته جمعي ڏينهن خصوصي نفل پڙهيا ويندا، الله جي حضور سجده شڪر ادا ڪرڻ سان ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ دعائون گھريون وينديون. وزيراعظم ڀارتي حملن سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۽ سندن ملڪيتن لاءِ اهم اعلان ڪندي چيو ته ڀارتي حملن ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ “شهدا پيڪيج ڏنو ويندو. معرڪه حق” ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستاني شهرين جي وارثن کي 1 ڪروڙ رپيا ۽ زخمين کي 10  کان 20 لکن رپين تائين امداد ڏني ويندي. پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن کي سندن رينڪ جي حساب سان 1 ڪروڙ رپين کان 1 ڪروڙ 8 لک رپين تائين رقم ڏني ويندي. انهن کي گهر جي سهولت لاءِ رينڪ جي حساب سان 1 ڪروڙ 9  4 ڪروڙ 2 لک رپيا ڏنا ويندا. شهيد فوجين جي رٽائرمينٽ جي تاريخ تائين پوري پگهار ۽ الائونسز جاري رهندا. شهيد فوجين جي ٻارن کي گريجوئيشن تائين مفت تعليم فراهم ڪئي ويندي. هر شهيد جي هڪ ڌيءَ جي شادي لاءِ 10 لک رپين جي ميريج گرانٽ ڏني ويندي. زخمي فوجين کي 20 لکن کان 50 لکن رپين تائين امداد ڏني ويندي. وزير اعظم چيو ته ڀارتي حملن ۾ متاثر ٿيل گهرن ۽ شهيد ٿيل مسجدن جي تعمير وفاقي حڪومت ڪندي. شهيدن جي ٻارن جي پرورش حڪومت جي ذميواري آهي، ۽ اسين هي فرض نڀائينداسين. زخمين جي علاج جو سڄو خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. پاڪستان جي عزت ۽ دفاع جي تحفظ لاءِ جنهن به خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن کي قومي سطح تي تسليم ڪيو ويندو ۽ اعزاز ڏنا ويندا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • اسرائيل جي حمايت: G7 جو بيان

  • وائٽ هائوس کي هدايتون

  • ڪشمور مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

  • رونالڊو:امن اپيل، ٽرمپ کي تحفو