Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_8dhkgstm10hc0pj2ou2l24raur, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
هر شيءَ عارضي آهي ... پون ڪمار منڌاڻ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar هر شيءَ عارضي آهي ... پون ڪمار منڌاڻ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

هر شيءَ عارضي آهي … پون ڪمار منڌاڻ

هي اهڙي حڪمت عملي آهي جيڪا مون پنهنجي حياتي ۾ تازوئي اختيار ڪري ورتي آهي جيڪڏهن توهان اها حڪمت عملي اختيار ڪندو ته پرسڪون ۽ شان سان رهندو اها هڪ ياد ڏياريندڙ شي آهي ته هر شيءَ سٺي ۽ خراب ، لذت ۽ تڪليف، پسند ۽ ناپسند، ڪاميابيون ۽ غلطيون، مشهوري توڙي شرمندگي سڀ اچڻيون وڃڻيون آهن، هر شيءَ کي شروعات آهي ته پڇاڙي به آهي، هر هڪ وڻ، ٻج کان شروعات ڪري ٿو ۽ آخرڪار واپس زمين ۾ هليو ويندو، اسان جي نئين دنيا ۾ ان جو مطلب آهي ته هر هڪ ڪار هر هڪ مشين، هر ڪپڙو ٽڪرو بڻجي ٿو ۽ پراڻو ٿي ختم ٿي وڃي ٿو، اسان جا جسم پيدا ٿيا ۽ اهي مري به ويندا. هن سکيا جو تت هي آهي ته پوري زندگي مستقل طرح تبديلي جي حالت ۾ آهي هر شيءَ وقتي ۽ عارضي آهي. توهان سان ماضي ۾ ڪو حادثو ٿيو اهو هاڻي گذري ويو آهي توهان جو اڳيون هر خيال شروع ٿيو ۽ ختم ٿي ويو هر جذبو ۽ موڊ جنهن جو توهان کي تجربو ٿيو ان جي جاءِ تي ٻيو اچي ويو آهي توهان خوش به هيو ، اداس به ٿيو ڪنهن سان ساڙ محسوس ٿيو، مايوسي به ملي چڙ به آئي، پيا ۾ گرفتار به ٿيو ڪڏهن بي عزتي ٿي، ڪڏهن فخر محسوس ڪيو مطلب ته سوچ ۾ اچڻ جهڙي هر انساني جذبي مان گذري آيو آخر ڪار هر شي غائب ٿي عدم وجود ۾ اچي وڃي ٿي ان سچ کي پنهنجي زندگي ۾ آجيان سان داخل ڪندو ته هڪڙي نئين آزادي واري اتساهيندڙ تجربي جي شروعات ٿي ويندي .
اسان جي نااميدي بنيادي طرح ٻن طريقن ۾ ٿئي ٿي جڏهن اسان کي مزو اچي ٿو ته اسان چاهيندا آهيون اهو هميشه هلي پر اهو به ختم ٿي وڃي ٿو يا جڏهن اسان درد محسوس ڪريون ٿا ته اسان چاهيندا آهيون ته اهو هاڻي ئي هليو وڃي پر اهو نٿو وڃي. تجربي جي قدرتي وهڪري جي خلاف جدوجهد ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڏک پيدا ٿئي ٿو مثبت ۽ منفي ٻئي جذبا عارضي آهن، توهان پنهنجي محسوسات کي اهو ڄاڻي قبول ڪريو ٿا ته هي به گذري ويندا، بجاءِ ان جي جو پنهنجي منفي جذبن سان ڪشتي وڙهو توهان انهن کي قبول ڪري شان حاصل ڪندو ۽ ان ڪري توهان نرمي ۽ خوبصورتي سان پنهنجي منفي ۽ جذباتي حالتن کان ٻاهر نڪري، مثبت ذهني حالت ۾ پهچي ويندو ، آئندا جڏهن ڪا مشڪل پيش اچي ته ان سان ويڙهه ڪرڻ بدران پرسڪون رهڻ جي ڪوشش ڪريو، خوف ۽ هراس ۾ وڪوڙجڻ بدران ماٺو رهڻ جي ڪوشش ڪريو، اها ڄاڻ هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن توهان منفي جذبات سان مقابلو نه ڪندو ۽ شان سان پرسڪون رهندو ته اهي ڏکيون گهڙيون به يقينن ائين گذري وينديون جيئن هر شام جو سج لهي وڃي ٿو.
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ايران جو بادشاهه پنهنجي پٽ کي ان جي 16 هين سالگرهه تي ڏيڻ لاءِ ڪنهن سوکڙي بابت سوچي رهيو هو جڏهن سالگرهه جو ڏينهن آيو ته شهزادو منڊي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو پر اوچتو سندس نظر منڊي تي لکيل اکرن تي پئي هي گهڙي به گذري ويندي شهزادو سمجهي نه سگهيو ته انهن لفظن جو مطلب پڙهندو رهندو هو ، شهزادي ان کي ايترو ته پڙهيو جو لفظ ياد ٿي ويس بعد ۾ هو پنهنجي پيءُ سان گڏ ڪنهن جنگ تي ويو هن کي هڪ تير لڳو ۽ هفتن تائين ڏاڍي تڪليف ۾ بستري تي پيو رهيو ۽ دل ئي دل ۾ پئي چيائين هي به نيٺ گذري ويندو ۽ واقعي ائين ٿيو، هو وڏو ٿيو شادي ٿيس هو ڏاڍو خوش هو پر منڊي تي نظر وجهندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته هي خوشي جي گهڙي به گذري ويندي ۽ ائين ئي ٿيو پيءُ جي مرڻ کانپوءِ هن کي بادشاهه بڻايو ويو پنهنجي تاج پوشي واري ڏينهن تي هن هڪ آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏٺو ۽ دل ۾ چيائين هي منهنجو جسم به نيٺ هليو ويندو، ۽ ائين ئي ٿيو، مرڻ کان اڳ هن جا آخري لفظ هي هئا هي منهنجي عظيم سلطنت جنهن تي مان حڪومت ڪريان ٿو نيٺ ختم ٿي ويندي ۽ واقعي ائين ئي ٿيو.
اٽلي جي ميلان شهر جي هڪ ڪيٿيڊرل (عبادتگاهه) جي دروازي تي ڪجهه لکيل آهي جنهن جو مطلب به بلڪل ساڳيو ئي آهي جيڪو منڊي تي لکيل لفظن جو هو، جيڪا منڊي ايران جي بادشاهه پنهنجي پٽ کي ڏني هئي، پوڄا گهر جي مک دروازي تي ٽي تصويرون اڪريل آهن، ٻئي پاسي ڪجهه گلاب جا گل ۽ ربن ٺهيل آهن هيٺيان لکيل آهي. هر اها شي جيڪا خوش ڪري ٿي اها گذري ويندي سڄي پاسي هڪ ڪراس (صليب) ۽ ربن ٺهيل آهن ۽ اکر لکيل آهن هر اها شي جيڪا تڪليف ڏي ٿي نيٺ گذري ويندي. وچ ۾ هڪ ٽڪنڊو ٺهيل آهي جنهن ۾ هي اکر لکيل اهن. هر اها شي جيڪا اهم آهي ابدي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *