| هر هنڌ باهه، فورسز بارود استعمال پيون ڪن: ايران مان ٻڌايل ڪهاڻيون |
لنڊن (م ڊ) ايران مان ڪجهه ڪهاڻيون انٽرنيٽ بند ٿيڻ باوجود سامهون اچي رهيون آهن. بي بي سي موجب ايراني ماڻهو پنهنجن پيارن کي ٻاهرين ملڪن ۾ سڏي رهيا آهن اهي موت ۽ تباهي جي خوفناڪ سطح جون ڪهاڻيون ٻڌائي رهيا آهن. ڪيسپين سمنڊ جي شهر رشت جي هڪ رهواسي چيو ته شهر اوپرو ٿي ويو آهي. هر هنڌ باهه آهي. سيڪيورٽي فورسز احتجاج کي دٻائڻ لاءِ گولا بارود استعمال ڪري رهيون آهن، انهي سان گڏ گرفتارين جي هڪ لهر آهي.