هر ڪو کانچو هڻي رهيو آهي، ڪيترا پئسا ورتا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪمشنر ڪراچي طلب

مَي 26, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ ۾ پارڪنگ فيس جي وصولي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي

چيف جسٽس احمد علي شيخ ڊي ايم سي ڏکڻ جي جواب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ڊائريڪٽر پارڪنگ ۽ ٻين آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سخت ڇنڊ پٽي

عدالت ڊي ايم سي ڏکڻ جو جواب غير تسلي بخش قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو عدالت ڪمشنر ڪراچي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي

چيف جسٽس چيو ته 13 مئي تي غير قانوني پارڪنگ فيس وصول ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي، 15 مئي تي ٺيڪيدار کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

چيف جسٽس چيو ته ٻڌايو وڃي ته ٺيڪيدار کي پارڪنگ جو ٺيڪو ڪهڙي قانون تحت ڏنو ويو آھي؟ جنهن تي ڊائريڪٽر ڊي ايم سي چيو ته مون ھاڻي آفيس جوائن ڪئي آھي

چيف جسٽس چيو ته جڏهن معاهدو ختم ٿي چڪو هو ته ان کي جاري ڇو نه ڪيو ويو؟ ٻڌايو وڃي ته پارڪنگ جو ٺيڪو جاري ڪرڻ لاءِ ڪيتري رقم ورتي وئي؟

ڊائريڪٽر چارجڊ پارڪنگ ٻڌايو ته ٺيڪو ڏيڻ جا پئسا ناھن ورتا

چيف جسٽس چيو ته هر ڪو کانچو ھڻي رهيو آهي، سچ ٻڌايو، ڪيترا پئسا ورتا ويا، ٻي صورت ۾ ڪمشنر ڪراچي کي گھرائي اينٽي ڪرپشن حوالي ڪندس

چيف جسٽس چيو ته توهان ڪيتري عرصي کان ان ٺيڪيدار کي سڃاڻو ٿا جنهن کي توهان پارڪنگ جو ٺيڪو ڏنو آهي؟

درخواستگذار چيو ته ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل پارڪنگ جي فيس 10 رپيا مقرر ڪئي وئي ھئي پر پارڪنگ مافيا 30 رپيا موٽرسائيڪل جي مد ۾ فيس اوڳاڙي رھي آھي

Leave A Comment