| هزاره صوبي جي حمايت تي عليم خان جا ٿورائتا آهيون: سردار يوسف |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صوبو هزارہ تحريڪ جي مرڪزي قيادت وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران هزارہ صوبي جي قيام جي حمايت ۾ ڏنل بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته نئين صوبي جي قيام جي حمايت تي عبدالعليم خان جا ٿورائتا آهيون. هزارہ صوبي جي تحريڪ جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته عبدالعليم خان هزارہ صوبي جي قيام جي کليل نموني حمايت ڪري سڀني جون دليون کٽي ورتيون آهن. سردار محمد يوسف چيو ته اهو ڪم جلد ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف سان هزارہ صوبي جي قيام بابت ڳالهائي چڪو آهيان، هزارہ صوبي تحريڪ جي مرڪزي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر سجاد قمر چيو ته عبدالعليم خان هزاراه صوبي جي ڳالهه ڪري هڪ ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪئي آهي. هزارہ ۽ بهاولپور جا ماڻهو پنهنجي مطالبن لاءِ جانين جون قربانيون ڏئي چڪا آهن.