هزارين ماڻهن ٿڌي پاڻي ۾ ٽٻي هڻي رڪارڊ جوڙي ورتو

هزارين ماڻهن ٿڌي پاڻي ۾ ٽٻي هڻي رڪارڊ جوڙي ورتو

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) هزارين ماڻهن ٿڌي پاڻي ۾ ٽٻي لڳائي نئون عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست واشنگٽن ۾ ٽن تنظيمن  پرچ بي چيمبر آف ڪامرس، بلين برچ بي پارڪ ۽ ري ڪريئيشن ڊسٽرڪٽ 2 ۽ بلينگهم واٽڪام ڪائونٽي ٽوئرز م گڏيل طور عالمي رڪارڊ جوڙڻ لاءِ پروگرام جوڙيو، پروگرام تحت 5 هزار ماڻهن کي گڏ ڪري ٿڌي پاڻي ۾ ٽٻي هڻائي وئي،  مقابلي لاءِ 6213 ماڻهن پاڻکي رجسٽرڊ ڪرايو جڏهن ته پروگرام واري مقرر ڏينهن تي ،4917  ماڻهن کي هڪ ئي وقت ۾ ٿڌي پاڻي ۾ ٽٻي هڻائي وئي، ان کان اڳ 2461 ماڻهن عالمي رڪارڊ جوڙيو هو جنهنکي  ناروي ۾  13 ڊسمبر 2025 تي 3134 ماڻهن ٽٻي هڻي ٽوڙيو هو، ڄاڻايل تنظيمن انهن انگن اکرن کي سامهون رکي نئين رڪارڊ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ انتظاميا جائزو وٺڻ بعد باضابطا اعلان ڪندي.