| هفتي اندر ٻيو واقعو: پي پي ايچ آءِ جي مبينا زيادتين خلاف پاڻ ساڙيندڙ اسلام ڪوٽ جي ڊاڪٽر به دم ڏئي ڇڏيو |
مٺي (رپورٽ : ممتاز نهڙيو) پي پي ايڇ آء ٿرپارڪر انتظاميه جي مبينا زيادتين کان تنگ ٿي پاڻ کي باھ ڏيئي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ اسلام ڪوٽ اسپتال جو زخمي ڊاڪٽر راول راء ميگهواڙ ڪراچي ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو۔ پي پي ايڇ آء جي ڊاڪٽر راول راء ميگهواڙ گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ ۾ پاڻ کي باھ ڏيئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن جي جسم جو 78 سيڪڙو سڙي وڃڻ ڪري اسلام ڪوٽ کان مٺي ۽ بعد ۾ رات دير سسن ڪراچي ريفر ڪيو ويو هو۔ جيڪو زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويو۔ معلوم ٿيو آھي ته ڊاڪٽر راول راء پي پي ايڇ آء آفيسرن جي مبينا زيادتين سبب خودڪشي تي مجبور ٿيو۔ کيس هڪ سال دوران 20 کان به وڌيڪ اسپتالن تي سزا طور بدليون ڪري دربدر ڪيو ويو هو۔ تازو 10 فيبروري تي ڊاڪٽر راول راء کي اسلام ڪوٽ کان ڏورانهين ڳوٺ دلن جو تڙ جي اسپتال بدلي ڪيو ويو جتي وٽس ڊيوٽي تي وڃڻ لاء ڪا سواري نه هجڻ ڪري پريشان هو ۽ اسلام ڪوٽ اسپتال مان رليو ٿيڻ کان انڪار ڪري ويٺل هو جنهن تي پي پي ايڇ آء جي ريجنل ڊاريڪٽر مظهر ويسر۔ ڊي ايم صوبدار شاهاڻي۔ ۽ ٿر مان رڪارڊي طور بدلي ٿيڻ باوجود انتظامي طور ڪرتا ڌرتا بڻيل ڊاڪٽر سنيل چوهاڻ کيس رليو ڪرڻ لاء ذھني طور ٽارچر ڪيو ۽ دٻاء وڌو ته هو رليو ٿي ڏورانهين ڳوٺ دلن جي تڙ وڃي ڊيوٽي جوائن ڪري۔ ذريعن موجب ڊاڪٽر راول راء ان پريشاني ۽ دٻاء ۾ پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ سان زندگي جو انت آڻي ڇڏيو۔ فوتي ڊاڪٽر جو لاش وارثن پاران ڪراچي کان مٺي آندو پيو وڃي جتي آخري رسمون ادا ڪيون وينديون۔
| ڊاڪٽر کي دماغي مريض قرار ڏيڻ جي ڪوشش، ريجنل ڊائريڪٽر اسپتال پهتو |
مٺي: ڊاڪٽر راول راء کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ واري الزام هيٺ آيل پي پي ايڇ آء جا ڪرتا ڌرتا ڊاڪٽر کي دماغي مريض ثابت ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن۔ پي پي ايڇ آء جو ريجنل ڊائريڪٽر مظھر ويسر ۽ ٿرپارڪر جو ڊي ايم صوبدار شاهاڻي خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر کي دماغي مريض ثابت ڪرڻ لاء اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ پهچي عملي کي اهڙي بيان لاء گڏجاڻي ۾ پابند ڪرڻ بعد وارثن وٽ مٺي پهچي ويو، هوڏانهن اسلام ڪوٽ جي پي پي ايڇ آء حوالي ٿيل سرڪاري اسپتال جي خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر راول راء ميگهواڙ کي ڪابه نفيسياتي يا دماغي بيماري نه هجڻ جي سرڪاري طور تصديق سامهون اچي وئي، خودڪشي ڪندڙ پي پي ايڇ آء اسلام ڪوٽ جي ڊاڪٽر راول راء کي زخمي حالت ۾ ريفر ڪرڻ وقت ڊي ايڇ او کي لاڳاپيل تعلقه هيلٿ آفيسر پاران موڪليل رپورٽ وارو ليٽر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، اسلام ڪوٽ جي تعلقه ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر اشوڪ پاران اسلام ڪوٽ مان ڊاڪٽر کي ريفر ڪرڻ واري لکيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته ڊاڪٽر راول راء ميگهواڙ کي ڪابه دماغي يا نفيساتي بيماري نه هئي ۽ هو نفسياتي ۽ دماغي مرض جو ڪوبه علاج وغيره وٺندڙ نه هو۔ ۽ ڊيوٽي ڪندڙ صحتمند ڊاڪٽر هو۔
ڊاڪٽر راول خوش مزاج هو، سندس مرضي سان بدليون ڪيون، ڊي ايم پي پي ايڇ آءِ ذهني مريض جي ترديد
مٺي: اسلام ڪوٽ رورل هلٿ سينٽر جي خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر راول راء ميگهواڙ بابت پي پي ايڇ آء ٿرپارڪر جي ڊي ايم صوبدار شاهاڻي جو موقف سامهون اچي ويو۔ صوبدار شاهاڻي رابطو ڪرڻ تي اعتراف ڪيو آھي ته ڊاڪٽر راول راء ميگهواڙ ذھني مريض نه هو ۽ اسپتال۾ ايندڙ مريض به علاج لاء سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڊاڪٽر راول کان علاج ڪرائڻ کي ڏيندا هئا۔ پر ڊاڪٽر راول راء هڪ سال کان اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ مقرر هو باقي ان کان اڳ اسان مختلف اسپتالن ۾ بدليون ضرور ڪيون هيون پر اهي بدليون به اسان ڊاڪٽر راول جي مرضي موجب ڪيون هيون۔ هن کي ڪابه دماغي بيماري نه هئي هو خوش مزاج ماڻھو هو۔
ملازم عورتن سان هراسمنٽ ۽ عملي تي ٽارچر معمول، وڌيڪ خودڪشين جو خدشو
مٺي: پي پي ايڇ آءِ ٿرپارڪر جي اسپتالن ۾ ملازم عورتن سان مبينا جنسي هراسمينٽ۔ذريعي نوڪرين تان فارغ ڪرڻ ۽ عملي کي ٽارچر وارا واقعا معمول بڻيل آھن جنهن جون خبرون ۽ ريڪارڊي ثبوت ميڊيا تي اچڻ باوجود اختيارين ڪوبه تحرڪ نه ورتو آھي ذميوار آفيسرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري آفيسر شاهي کان تنگ ملازمن جي شروع ٿيل خودڪشين جا واقعا اڃان وڌڻ جو خدشو آھي۔
| پي پي ايڇ آءِ آفيسر موت جا ذميوار، ڪيس داخل ڪيو وڃي: وارث |
مٺي: اسلام ڪوٽ ۾ پي پي ايڇ آءِ جي باهه ڏئيآفيسرن کان مبينا تنگي بعد خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر راول راء ميگهواڙ جي ڀاء وڪرم ۽ ٻين وارثن انڪشاف ڪيو آھي ته پي پي ايڇ آء آفيسر ڊاڪٽر راول راء کي سال ۾ ڪيترائي ڀيرا ڏورانهين اسپتالن تي بدليون ڪري دربدر ڪندا رهيا ۔ جنهن ڪري مسلسل تنگ هو پر بيروزگاري سبب ڪانٽريڪٽ تي نوڪري سندس معاشي مجبوري هئي۔ هنن چيو ته ڊاڪٽر کي 10 فيبروري تي هڪ لکت ۾ آرڊر ذريعي اسلام ڪوٽ کان ڏورانهين ڳوٺ دلن جي تڙ ڏانهن بدلي ڪيو ويو۔ جنهن ڳوٺ وڃي ڊيوٽي ڪري آئوٽ بيڪ ڪرڻ لاء وٽس ڪابه سواري نه هئي انڪري هن لاڳاپيل پي پي ايڇ آء آفيسرن کي بدلي واپس ڪرڻ لاء التجائون ۽ منٿون ڪيون ۽ اسلام ڪوٽ اسپتال مان رليو ٿيڻ کان انڪار ڪيو پر آفيسرن سندس بدلي واپس ڪرڻ بدران رليو ٿيڻ لاء ٽارچر ڪيو۔ جنهن ڪري هن تنگ ٿي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو هنن چيو ته هڪڙي پاسي معاشي پريشاني سبب نوڪري ڇڏڻ هن لاء مسئلو هو ته ٻئي پاسي سواري نه هجڻ ڪري ڏورانهين ڳوٺ وڃي ڊيوٽي ڪرڻ ھن لاء چينلينج هو۔ هن ٻنهي مسئلن کي سامهون رکي پي پي ايڇ آء آفيسرن جي مبينا زيادتين سبب خودڪشي ڪري ڇڏي۔ ڊاڪٽر جي وارثن پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيانن ۾ هنن وڌيڪ چيو آھي ته ھن جي موت جا ذميوار پي پي ايڇ آء جا آفيسر آھن انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي
| لاش گهر پهچڻ تي وارث بيهوش، سوين ماڻهو روئيندا رهيا |
مٺي: اسلام ڪوٽ ۾ پاڻ کي احتجاجن باھ ڏيئي ساڙڻ بعد ڪراچي ۾ فوت ٿيل پي پي ايڇ آء جي ڊاڪٽر راول راء جو لاش گهر مٺي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ گهر جا ڀاتي بي هوش ٿي ويا۔ جڏهن ته لاش پهچڻ وقت ميگهواڙ برادري جا سوين ماڻھو تڏي تي پهتا پر پي پي ايڇ آء جو ڪوبه بالا آفيسر آخري رسمن ۾ شريڪ نه ٿيو۔ ڊاڪٽر راول راء جو لاش باه ۾ سڙڻ سبب ڦاٽي پيو هو انڪري تڪڙو کڻي تدفين ڪئي هئي۔ وارث ھوش ۾ نه هجڻ ڪري انهن جو آن رڪارڊ موقف ملي نه سگهيو۔ ٻئي طرف ميگهواڙ برادري جا سوين ماڻھو سوڳوار بڻجي روئندا رهيا۔ ۽ پي پي ايڇ آء اختيارين خلاف سخت ڪاوڙ سان گڏ تاء پکڙيل هو
| ڊاڪٽر شاهد جنجهي مٺي سول اسپتال جو نئون سول سرجن مقرر |
مٺي (رپورٽر) 19 هين گريڊ جو ڊاڪٽر شاهد علي جنجهي مٺي سول اسپتال جو نئون سول سرجن مقرر ٿي ويو، اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. مٺي سول اسپتال مان اڳوڻي سول سرجن ڊاڪٽر هريش جڳاڻي کي ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ خودڪشي واقعي ۾ سسپينڊ ڪري ڪراچي رپورٽ ڪرايو ويو هو سندس جاء تي صحت کاتي جي اختيارين ڊاڪٽر شاهد علي کي ننگرپارڪر تعلقه اسپتال مان بدلي ڪري مٺي سول اسپتال جو نئون سول سرجن مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو