هفتي ۾ ٻيو ڀيرو اسريٰ يونيورسٽي بند ڪئي وئي آهي: ايم ڊي

آڪٽوبر 10, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اسريٰ يونيورسٽي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر زيد احمد لغاري اسريٰ يونيورسٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ھڪ ھفتي ۾ ٻيو ڀيرو صبح جو ساڍي 5 وڳي يونيورسٽي بند ٿيڻ جو سرڪيولر جاري ڪيو ويو آهي

 هن چيو ته مون کي ۽ منھنجي فيملي کي جان جو خطرو آھي، هن الزام هڻندي چيو ته مون کي يا منهنجي فيملي کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار احمد ولي الله قاضي، غلام قادر قاضي ۽ ٻيا هوندا

 هن چيو ته يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ٻارن کي چيو ويو آھي ته ڪير به في 3 ھفتن تائين جمع نه ڪرائي جڏهن ته ايم ايس کي گھرائي چيو ويو ته اسريٰ اسپتال خالي ڪرائي مريضن کي روانو ڪيو وڃي

 هن چيو ته قاضي ڀائر ڪو منصوبو رٿي رهيا آهن جيڪو به منصوبو ٺاھيو پيو وڃي اهو اداري جي خلاف آھي ۽ مون کي اها به خبر پئي آهي ته هو مونکي ۽ منھنجي فيملي کي نقصان پھچائڻ لاءِ پلان ٺاھي رهيا آهن جنهن لاءِ مون ادارن کي به لکيو آهي

 هن الزام هنيو ته قاضي ڀائرن 200 کان 250 ماڻھن کي گھرائي ويھاري ڇڏيو آھي ۽ اداري ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي پگهارون به جاري نه ڪيون ويون آهن

هن چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪيون ته اداري کي بچايو وڃي. ھڪ ئي جج آھي جتي اهو وڃي ٿو اتي ئي وڃي درخواست ڏيندا آھن

 هن چيو ته اداري جو تعليمي ۽ فلاحي ڪم متاثر ٿي رهيو آهي. اڄ ٻارن جا امتحان ھئا ته موڪل جو سرڪيولر جاري ڪيو ويو، اسان کي خبر ناھي ته ھي ڇا ڪرڻ وڃي رھيا آھن، اسپتال متاثر ٿي رھي آھي ۽ مريض پڻ پريشان آھن، اسان جا دروازا کليل آھن مسئلا ويھي ڳالھين سان حل ٿي سگھجن ٿا

 هن چيو ته ھي فلاحي ادارو آھي ان جو ڪير به مالڪ ناھي، اسان کين چئي رھيا آھيون ته اسان سان ملي ڪعبت الله شريف ۾ کنيل قسم تي عمل ڪيو وڃي ۽ ملازمن کي پگھارون جاري ڪيون وڃن

Leave A Comment