هفتي ۾ 839,948 جو لنچ: ملازمن لاءِ دل کولي خرچ ڪندڙ باس

هفتي ۾ 839,948 جو لنچ: ملازمن لاءِ دل کولي خرچ ڪندڙ باس

لاس اينجلس (انٽريسٽنگ نيوز) لاس اينجلس سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان سي اي او جون هوڪي هڪ پوسٽ دنيا ۾ ورڪ ڪلچر تي هڪ نئون بحث ڇيڙي وڌو، جون هوڪي هر هفتي تقريبن 3 هزار ڊالرز پاڪستاني (839948) خرچ ڪري پنهنجي 30 رڪني ٽيم کي هڪ بهترين لنچ ڪرائيندو هو، ان لاءِ  اهو  خرچ نه پر ان  جي زندگي جي بهترين سرمائيڪاري آهي. انسٽاگرام تي ڪيل پنهنجي پوسٽ ۾ جون هو صاف لفظن ۾ چيو ته اها حقيقت آهي ته اعليٰ ڪارڪردگي واري ٽيم اها هوندي آهي جيڪا پاڻ کي سٺو محسوس ڪندي  هجي. منهنجي سوچ واضح آهي، منهنجي ويجهو اعليٰ ڪارڪردگي رڳو دٻاءَ وجهي ڪم وٺڻ ناهي هوندو ملازمن کي اهڙو ماحول ڏيندو آهيان جنهن ۾ هو خوش رهن ۽ دل لڳائي ڪم ڪن، جون جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٽيم سان گڏ وقت گذارڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ انهي سوچ جو حصو آهي. جون هو پاران شيئر ڪيل تصويرن ۾ هن کي پنهنجي ٽيم سان خوشگوار ماحول ۾ وقت گذاريندي ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو ان ڳالهه جو عملي ثبوت آهي ته هو صرف ڳالهين تائين محدود ناهي.