| هلندڙ سال عورتن تي تشدد جا 6 هزار 543 ڪيس رپورٽ: واقعن ۾ 25 سيڪڙو اضافو |
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سماجي تنظيم ملڪ اندر عورتن مٿان ٿيل تشدد جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. گذريل سال 2024 ۾ 5 هزار 253 عورتن مٿان تشدد جا ڪيس رپورٽ ٿيا. هلندڙ سال 2025 ۾ 6 هزار 543 عورتن مٿان تشدد جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال 25 سيڪڙو عورتن مٿان تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. صوبائي ڪوآرڊينيٽر برڪت انصاري مطابق سنڌ ۾ هلندڙ سال 934 عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. 113 عورتن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو. 306 عورتن کي قتل ڪيو ويو، 209 عورتن کي خودڪشي ڪري زندگيءَ جو انت آندو. سنڌ ۾ 58 عورتن کي اغوا ۽ 30 عورتن کي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو. رپورٽ موجب عورتن مٿان تشدد جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ساحل جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر برڪت علي انصاري پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق سماجي تنظيم ملڪ اندر عورتن مٿان ٿيل تشدد جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. گذريل سال 2024 ۾ 5 هزار 253 عورتن مٿان تشدد جا ڪيس رپورٽ ٿيا. هلندڙ سال 2025 ۾ 6 هزار 543 عورتن مٿان تشدد جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال 25 سيڪڙو عورتن مٿان تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي.ملڪ اندر هڪ هزار 414 عورتن کي قتل ڪيو ويو. هڪ هزار 144 عورتن کي اغوا، هڪ هزار 60 عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ملڪ اندر 585 عورتن کي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو. جاري ڪيل رپورٽ مطابق عورتن مٿان تشدد وارا واقعا سڀ کان وڌيڪ 78 سيڪڙو پنجاب ۾ پيش آيا. سنڌ ۾ 14 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 6، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت ۾ 2 سيڪڙو ڪيس ررپورٽ ٿيا. عورتن مٿان تشدد جا 60 سيڪڙو واقعا گهر اندر ئي پيش آيا. عورتن مٿان تشدد جا 77 سيڪڙو ڪيس رجسٽرڊ ٿيا. عورتن مٿان ٿيل تشدد وارن واقعن ۾ 32 سيڪڙو ۽ 17 سيڪڙو اڻ ڃاتل ماڻهو سڃاتل هئا. 12 سيڪڙو عورتن تي مڙس پاران تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هلندڙ سال 2025 ۾ سنڌ صوبي اندر مجموعي طور تي 934 عورتن تي تشدد جا واقعا پيش آيا. جنهن ۾ 306 عورتن کي قتل ڪيو ويو. 113 عورتن کي ڪارنهن الزام هيٺ هميشه جي لاءِ موت جي ننڊ سمهاريو ويو. 58 عورتن کي اغوا ڪيو ويو. 40 عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، 30 عورتن سان زيادتي ڪئي وئي. 21 عورتن اجتماعي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو ويو. حملن ۾ 20 عورتن زخمي ٿيون جڏهن ته 20 عورتن کي جنسي زيدتيءَ جو نشانو بڻايو ويو. اهڙي طرح 20 عورتون گم ٿيون. 19 عورتن کي حراسان ڪيو ويو. چئن عورتن کي زيادتيءَ بعد قتل ڪيو ويو. هڪ عورت کي اجتماعي زيادتيءَ بعد قتل ڪيو ويو. جڏهن ته هڪ عورت مٿان تيزاب سان حملو ڪرڻ جو واقعو به پيش آيو.
| عورتن تي تشدد واقعن ۾ ڪراچي پهرئين نمبر تي، سانگهڙ جو ٻيو نمبر |
سکر: سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتن تي مختلف قسم جي تشدد جا واقعا ڪراچيءَ ۾ پيش آيا. اِن بعد ٻئين نمبر تي سانگهڙ، ٽئين نمبر تي خيرپور ۾ وڌيڪ تشدد جا واقعا پيش آيا. سماجي تنظيم پاران جاري ڪيل رپورٽ مطابق سنڌ ۾ مجموعي طور تي 934 تشدد، زيادتي، قتل جا واقعا پيش آيا. پهرين نمبر تي ڪراچيءَ ۾ 210 ڪيس رپورٽ ٿيا. ٻئي نمبر تي 72 سانگهڙ، ٽئين نمبر تي خيرپور 72 ڪيس رپورٽ ٿيا. ٿرپارڪر ۾ 53، سکر ۾ 51، دادو ۾ 41، لاڙڪاڻو ۾ 40، ميرپور خاص ۾ 36، بدين ۾ 35، نوشهروفيروز، قمبرشهدادڪوٽ، نوابشاهه ۾ 32، 32، جيڪب آباد ۾ 30، شڪارپور ۾ 28، حيدرآباد ۾ 25، عمرڪوٽ ۾ 24، ڄامشورو ۾ 21، ڪشمور 20، مٽياريءَ ۾ 17، ٽنڊو الهيار ۾ 15، ٽنڊو محمد خان ۾ 14، ٺٽو ۾ 11، سجاولد ۾ چار، ملير ۾ ٻه، ڪنريءَ ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ هڪ واقعو پيش آيو.
سنڌ ۾ مختلف مسئلن جي وَر چڙهي 649 عورتن خودڪشي ڪئي
سکر: سماجي، خاندان جي روين، معاشي توڙي مختلف مسئلن جي وَر چڙهي 649 عورتن خودڪشي ڪئي. جن مان سنڌ اندر 209 عورتن خودڪشي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو. 28 عورتن خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي.