تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

هلندڙ لمحي ۾ زندگي ڪيئن گذارجي؟ … پون ڪمار منڌاڻ

گهڻي حد تائين اسان جو ذهني سڪون ائين ماپيو ويندو آهي ته اسان ڪيتري قدر حال ۾ يعني هلندڙ گهڙي ۾ زندهه رهڻ جي لائق هوندا آهيون، ڪالهه ڇا ٿيو يا گذريل سال يا سڀاڻي ڇاٿيندو ۽ ڇا نه ٿيندو؟ انهن ڳالهين جي قطع نظر موجوده لمحو اهو آهي جنهن ۾ توهان هميشه آهيو، اسان مان گهڻائي ان فن جا ماهر بڻجي ويا آهن ته پنهنجي حياتي جو گهڻو ئي وقت مختلف شين بابت هڪ ئي وقت تي ويٺا ڳڻتي ڪن اسان گذريل مسئلن ۽ مستقبل جي فڪرن کي پنهنجي حال واري گهڙي تي سوار ڪري ڇڏيو آهي ايتري قدر جو آخر ۾ اسان پريشان، چڙيل ۽ نااميد بڻجي پئون ٿا ٻئي پاسي اسان پنهنجي تسڪين، اوليتون ۽ پنهنجي خوشي کي ائين چئي ملتوي ڪندا رهندا آهيون ته ڪو ڏينهن ايندو جيڪو اڄ کان بهتر هوندو بدقسمتي سان ساڳي ذهني سوچ جيڪا اسان کي اڳتي جو انتظار ڪرڻ لاءِ چوندي رهندي آهي اها وري وري پاڻ کي ورجائيندي آهي اهڙي طرح جو اهو ڪو ڏينهن ڪڏهن به نٿو اچي. جان لينن هڪ دفعي چيو هو “زندگي اها آهي جيڪا ان وقت واقع ٿي رهي هوندي آهي جڏهن اسان ٻيا منصوبا ٺاهڻ ۾ مشغول هوندا آهيون ته اسان جا ٻار وڏي ٿيڻ ۾ مصروف هوندا آهن. جن ماڻهن کي اسان پيار ڪريون ٿا اهي جدا ٿي وڃن ٿا يا مري وڃن ٿا ۽ اسان جا جسم به بدشڪل ٿي وڃن ٿا ۽ اسان جا خواب به ترڪي هليا وڃن ٿا”.
مختصر طور اسان زندگي کان محروم هوندا آهيون، گهڻائي ماڻهو ائين زندگي گذارين ٿا ڄڻ ته حياتي ڊرامي کان اڳ مشق آهي ۽ اصل ڊارمو بعد ۾ ٿيندو پر ائين ناهي درحقيقت ڪنهن کي به گارنٽي مليل ڪونهي ته هو سڀاڻي هتي هوندو ، هاڻي اهو وقت آهي جيڪو اسان کي مليل آهي ۽ صرف اهوئي وقت آهي جنهن تي اسان کي ڪنٽرول آهي جڏهن اسان جو ڌيان موجوده گهڙي ۾ هوندو ته پنهنجي ذهنن مان خوف کي ڌڪي ڇڏينداسين. خوف اها پريشاني آهي جيڪا مستقبل ۾ ٿي سگهندڙ واقعن بابت اسان کي هوندي آهي ته متان ڪافي پئسا نه هجن اسان جا ٻار پريشاني ۾ وڪوڙجي ويندا يا پيرسن ٿي مري وينداسين وغيره. هتي ۽ هاڻي تي ڌيان ڏيڻ جي پريڪٽس ڪريو توهان جي ڪوشش جو وڏو فائدو ملندو، جڏهن توهان موجوده گهڙي ۾ زندهه رهو ٿا ته سڀ مسئلا غائب ٿي ويندا، ڪوبه دٻاءُ ڪا ڪاوڙ ڪو افسوس نه رهندو جيڪو ڪجهه هاڻي ٿي رهيو آهي اهائي زندگي آهي، هلندڙ لمحي ۾ زندهه رهڻ لاءِ توهان کي پنهنجي موجودهه سرگرمي ڏي ڌيان ڏيئڻو پوندو ۽ پنهنجي ذهن مان ٻئي هر خيال کي نيڪالي ڏيئڻي پوندي، اوهان جو ذهن توهان جو ڌيان ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو پر توهان کي کپي ته مضبوطي ۽ چستي سان پنهنجي موجودهه سرگرمي جيڪا هٿ ۾ اٿو ان ۾ مشغول هجو پنهنجي ماضي ۽ مستقبل بابت گهڻي ڳڻتي ڪرڻ سان توهان جو مسئلو حل نه ٿيندو پر موجودهه گهڙي ۾ زندگي گذارڻ شروع ڪندو ته ماضي لاءِ افسوس ۽ مستقبل لاءِ ڳڻتي ختم ٿي ويندي.
توهان مڪمل طرح هن گهڙي ۾ ٻڏي وڃو ٿا ۽ پنهنجي حياتي پوري طرح گذاريو ٿا پر موجودهه لمحي ۾ زندگي ڪيئن گذارجي؟ پهرين پاڻ کي پرسڪون رکو توهان جتي به آهيو آهستي خيال سان ساهه کڻو ڪجهه منٽن لاءِ ائين ڪندا رهو جيسيتائين توهان پرسڪون محسوس ڪريو، هاڻي ڏسو ته توهان جي ذهن جي اندر ڪهڙي کچڻي پچي رهي آهي هن گهڙي توهان جي سوچ ۾ ڪهڙا خيال اچي رهيا آهن؟ ڇا توهان پنهنجي ماضي يا مستقبل جي ڪنهن ڳالهه بابت سوچي رهيا آهيو جيڪڏهن ها ته هڪدم ختم ڪريو ۽ پنهنجي موجودهه سرگرمي ڏانهن ڌيان ڏيو هن گهڙي اها شي جيڪا وجود رکي ٿي اها صرف هي سرگرمي آهي ٻي ڪجهه به نه جيڪڏهن ڪي خيال جن جو تعلق موجودهه وقت سان ناهي ته اهي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو انهن ڏي ڪوبه ڌيان نه ڏيو ۽ رڳو پنهنجو ڪم پوري طاقت سان جاري رکو. هلندڙ گهڙي ۾ جيئڻ لاءِ توهان کي هر اهو خيال ڇڏي ڏيئڻو پوندو جيڪو توهان کي هن گهڙي کان پري کڻي وڃي ان خيال کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذهن تي گهڻو زور نه ڀريو ان بدران ان خيال کي بيڪار سمجهو ۽ نظرانداز ڪري ڇڏيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *