هلندڙ مالي سال  جي پهرين 6 ماهي دوران ملڪي واپار کي وڏو ڌڪ: ايڪسپورٽ ۾ 40 کان 63 سيڪڙو لاٿ

هلندڙ مالي سال  جي پهرين 6 ماهي دوران ملڪي واپار کي وڏو ڌڪ: ايڪسپورٽ ۾ 40 کان 63 سيڪڙو لاٿ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران ملڪ جي واپار کي وڏو ڌڪ رسڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. هٿ ڪيل سرڪاري دستاويزن مطابق 6 مهينن دوران پاڪستان جي وڏن شعبن جي برآمدات ۾ واضع گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جولاءِ کان ڊسمبر تائين غذائي جنسن جي برآمدات ۾ 40.29 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي آهي۔ پهرين ڇهه مهينن ۾ غذائي جنسن جي برآمدات جو حجم 2 ارب 36 ڪروڙ ڊالر رهيو۔ گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي دوران اهو حجم لڳ ڀڳ 4 ارب ڊالر هو۔ ڇهن مهينن دوران چانورن جي برآمدات ۾ 49.90 سيڪڙو، ڀاڄين جي برآمدات ۾ 36.80 سيڪڙو، مقامي خشڪ ميووي جي برآمدات ۾ 63.78 سيڪڙو تائين گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. جولاءِ کان ڊسمبر تائين پلاسٽڪ سامان جي برآمدات ۾ 43.66 سيڪڙو، فارماسيٽيڪل برآمدات ۾ 28.67 سيڪڙو گهٽتائي، ٽرانسپورٽ سامان جي برآمدات ۾ 36.51 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. جڏهن ته جولاءِ کان ڊسمبر تائين ٽيڪسٽائيل برآمدات ۾ صرف 0.90 سيڪڙو معمولي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. پهرين ڇهن مهينن ۾ ٽيڪسٽائيل برآمدات جو حجم 9 ارب 16 ڪروڙ ڊالر رهيو.