| هلندڙ ٽرين مان ڪريل عورت کي ريلوي اهلڪار بچائي ورتو |
نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) هلندڙ ٽرين مان ڪريل عورت کي ريلوي اهلڪار بچائي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست تمل ناڊو ۾ تمبار ريلوي اسٽيشن تي خوفناڪ حادثو پيش آيو. هڪ عورت هلندڙ ٽرين مان لهندي خطرناڪ نموني هيٺ ڪري پئي، عورت جيئن ئي هيٺ ڪري ته هڪ ريلوي اهلڪار کيس ڏسي ورتو ، ريل عورت کي گهيليندي وئي پر اهلڪار وڏي مڙس ڪري ڊوڙي ڊوڙي کيس ٻاهر ڪڍي سندس زندگي بچائي ورتي. حادثي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ، جنهن ۾ عورت کي هيٺ ڪرندي ۽ بعد ۾ ريل ذريعي گهيلجندي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته ريلوي اهلڪار به تيزي سان ڊوڙندي ۽ کيس ٻاهر ڪڍي وٺڻ وارا خوفناڪ منظر ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ٿي ويا. وڊيو تي صارفين سخت حيران ٿي ويا آهن