| هلو ته هلون چنڊ تي رهڻ: چنڊ جي مٽي ۾ پوکي ممڪن |
لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ نئين مطالعي مان ظاهر ٿيو آهي ته چنڊ تي سخت ماحول ۽ زرخيز مٽيءَ جي کوٽ جي باوجود فصل پوکي سگهجن ٿا. تازي مطالعي ۾ سائنسدانن پهريون ڀيرو چنڊ جي مٽيءَ ۾ ڪاميابي سان چڻا پوکيا آهن، جنهن کي ‘ريگولٿ’ سڏيو ويندو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هي نئين اڳڀرائي هڪ اهم قدم آهي ته انسان مستقبل ۾ چنڊ تي ڪيئن رهي سگهن ٿا. ناسا ۽ ٻيون خلائي ايجنسيون اميد رکن ٿيون ته انسان ايندڙ سالن ۾ چنڊ تي لهندا ۽ اتي رهندا به سهي. خلائي ايجنسين جو هي خيال ڪيترائي سوال اٿاري ٿو، جن مان هڪ کاڌو پيدا ڪرڻ سان لاڳاپيل آهي، ڇاڪاڻ ته چنڊ جي مٿاڇري تي سخت ماحول ۽ غير مساوي مٽي فصلن کي پوکڻ لاءِ مک چيلينجن مان هڪ آهي. سائنسدانن جي مطابق نئين مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته مستقبل ۾ چنڊ تي رهندڙ انسانن لاءِ اتي فصل پوکڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.