| همايون جو نوجوان ٻن ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ |
همايون شريف(ن پ ا) همايون شريف ڀرسان ٻن ڏينهن کان نوجوان پراسرار طور گم آهي، جنهن جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي اين سي داخل ڪرائي وئي. پراسرار طور گم ٿيل ڳوٺ فتح پور ڪٽا جو رھواسي نوجوان 20 ورهين جو عباس پٽ محمد صديق ڪٽو جي وارثن پاران قومي شاهراه روڊ بند ڪري پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جو نوجوان اغوا ٿي ويو آھي پوليس اسان جي ڪائي مدد نٿي ڪري نوجوان بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي گم ٿيل نوجوان جي وارثن ڏاڏو ڪٽو جي اڳواڻي ۾ نوجوان جي بازيابي لاء شڪارپور جيڪب آباد روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.