همايون سعيد دل لڳيءَ ۾ پهرين نمبر تي آهي: مهوش حيات

  همايون سعيد دل لڳيءَ ۾ پهرين نمبر تي آهي: مهوش حيات

هيوسٽن(ويب ڊيسڪ) اداڪاره مهوش حيات چيو آهي ته همايون سعيد فلرٽ ڪرڻ (دل ڦينڪ)  ۾ پهرين نمبر تي آهي،سندس مذاق ۽ ڇيڙڇاڙ واريون حرڪتون دوستاڻي ماحول ۾ ئي ٿينديون آهن. سيليبريٽي ڪرڪيٽ ليگ (پي سي سي ايل) جي سلسلي ۾ آمريڪي شهر هيوسٽن پهتل مهوش حيات همايون سعيد جي مزاج ۽ فلرٽنگ بابت تفصيل سان ويچار ونڊيا، هن چيو ته همايون سعيد مزاحيه طبعيت جو ماڻهو آهي.مهوش حيات موجب جڏهن هوءَ، همايون سعيد ۽ نديم بيگ ڪنهن سيٽ تي ڪم ڪندا آهن ته ٽئي مزاحيه انداز ۾ هڪٻئي سان ڇيڙڇاڙ ڪندا آهن، جنهن کي ڀوڳن جي ٽه مورتي چئي سگهجي ٿو. هن چيو ته انڊسٽريءَ ۾ ڊگهي عرصي تائين گڏ ڪم ڪرڻ سبب دوستاڻا لاڳاپا قائم ٿي ويندا آهن، اهو سڀ ڪجهه دوستي جي دائري ۾ ٿيندو آهي.هن وضاحت ڪئي ته منهنجا ساٿي اداڪار شادي شده ۽ ٻارن ٻچن وارا آهن. اسان وچ ۾ سٺو دوستاڻو تعلق آهي، اسان رڳو دوست آهيون، انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ناهي ، سيٽ تي اسان مذاق ڪندا رهون ٿا. هن اداڪاره همايون سعيد کي فلرٽنگ جي لحاظ کان اول نمبر ، احسن خان ٻئي نمبر ۽ فهد مصطفيٰ ٽئين نمبر رکيو، جڏهن ته اظفر رحمان کي پنهنجو سڀ کان ويجهو دوست قرار ڏنو.، هن چيو ته مونکي همايون سعيد ۽ فهد مصطفيٰ جو مڪسچر مڙس کپي