| همايون شريف ويجھو پراڻي تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل |
همايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ڀرسان پراڻي تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل، ڳوٺ غلام قادر بکراڻي ۾ پراڻي تڪرارتان 35 ورهين جي نوجوان گل حسن پٽ غلام قادر بکراڻي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته بکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان جوابدارن نوجوان گوليون ھڻي قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.