همايون شريف: پوليس جا ڳوٺ تي مبينا ڊرون حملا: نوجوان مارجي ويو: ڀاءُ ڀيڻ سميت 6 ڄڻا زخمي

همايون شريف: پوليس جا ڳوٺ تي مبينا ڊرون حملا: نوجوان مارجي ويو: ڀاءُ ڀيڻ سميت 6 ڄڻا زخمي

همايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ڀرسان جهان واهه واري علائقي ۾ پوليس جو آپريشن، مبينا طور ڊرون حملي ۾ نوجوان مارجي ويو، معصوم ڀاءُ ڀيڻ سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جهانواهه واري علائقي ڳوٺ روس معرفاڻي تي مغوي جي بازيابي جي لاءِ پوليس طرفان آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران مبينا طور ڊرون حملي ۾ نوجوان ڀائي خان معرفاڻي مارجي ويو، جڏهن ته علي حسن ۽ سندن ڀيڻ ماريه ڌيءُ حليم معرفاڻي سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو، پوليس آپريشن دوران ڪابه گرفتاري عمل نه اچي سگهي، ٻي طرف ڳوٺاڻي علي حسن معرفاڻي جو چوڻ هو ته پوليس اسان جي ڳوٺن مٿان چڙهائي ڪري سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آھي، اسان جو اغوا واري واقعي سان ڪو به واسطو ناھي، ياد رهي ته 2 ڏينھن اڳ لوڊرا ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل يونس بروھي جي بازيابي لاءِ پوليس ڪارروائيون ڪري رهي آهي.