| همراهه جو ڀاڳ: باغ مان 8 لک ڊالرز جو خزانو ملي ويو |
پئرس (انٽريسٽنگ نيوز) فرانس ۾ هڪ شخص کي پنهنجي گهر جي باغ مان 8 لک آمريڪي ڊالررز جي (تقريبن 7 لک يورو) ماليت جا سون جا بسڪيٽ ۽ سڪا ملي ويا، مقامي اختيارين موجب، هي انوکو واقعو فرانس جي شهر نيوويل سور ساوَن جي علائقي ۾ پيش آيو، جتي هڪ شخص سوئمنگ پول لاءِ باغ ۾ کوٽائيءَ جو ڪم ڪري رهيو هو، ان دوران ان کي پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ بند 5 سون جا بسڪيٽ ۽ ڪيترائي سڪا مليا. شهري فوري طور تي هن خزاني جو اطلاع ريجنل ڊائريڪٽوريٽ آف ڪلچرل افئيرز کي ڏنو. تحقيقات کان پوءِ اختيارين فيصلو ڪيو ته جيتوڻيڪ هي خزانو ڪنهن آثار قديم جو حصو ناهي، پر هي جديد دور جي ملڪيت آهي، ان لاءِ شهري ان خزاني کي پاڻ وٽ رکي سگهي ٿو، مقامي انتظاميا جي ترجمان مطابق زمين جو مالڪ فوت ٿي چڪو آهي ان ڳالهه جو پتو نه ٿو پوي ته اهو سون ڪڏهن ۽ ڪيئن دفن ڪيو ويو؟ فرانس جي اخبار “Le Progrès” موجب خزاني ۾ پنج سون جون سريون ۽ ڪيترائي سڪا شامل هئا، جيڪي پلاسٽڪ جي بيگ ۾ ڍڪيل هئا. هي انوکو واقعو سڄي فرانس ۾ دلچسپي جو سبب بڻجي ويو، شهري ان شخص کي خوش نصيب ترين گارڊنر قرار ڏئي رهيا آهن.