| همراهه چنڊ کانپوءِ مريخ، زهره، عطارد تي به پلاٽ وڪڻڻ لڳو |
نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اوهان جي طلاق ٿي آهي ۽ اوهان وٽ پئسا ناهن، اوهان جي ذهن ۾ اها ڳالهه اچي ٿي ته ڪاش ملڪيت هجي ها جنهن کي مسواڙ تي ڏئي ڪجهه پئسا ڪمايان هان، اهڙي ۾ اوهان دري کان ٻاهر ڏسو ٿا ۽ اوهان جي دماغ ۾ هڪ آئيڊيا اچي ٿو ته آئون چنڊ وڪڻي ڇڏيندس، اها ڳالهه ڪجهه هضم نٿي ٿئي ؟ پر هي اهو ئي آئيڊيا هو جنهن 1980 ۾ آمريڪي شهري ڊينس هوپ جي زندگي تبديل ڪري ڇڏي، هو چنڊ تي پلاٽ وڪڻي ڪروڙ پتي بڻجي ويو، ڊينس موجب ڪيئي سال اڳ لائبريري ۾ ويس ۽ 1967ع جي آئوٽر اسپيس ٽريٽي ڪڍي، گڏيل قومن جي معاهدي مطابق خلا سموري انسانيت جي گڏيل ملڪيت آهي، گڏيل انساني ورثو، ۽ ڪنهن به ملڪ کي اجازت ناهي ته هو ان تي علائقائي خودمختيار جي دعويٰ ڪري، ڊينس چيو ته اهڙي زمين هئي جنهن جو ڪوئي مالڪ نه هو، پر اهو حق حاصل ڪرڻ لاءِ هن گڏيل قومن کي هڪ نوٽيس موڪليو، جنهن ۾ چنڊ، شمسي نظام ۾ شامل اٺن ئي سيارن ۽ انهن جي چنڊن تي ملڪيت جي دعويٰ ڪئي، پر ڪنهن به ڪو جواب نه ڏنو. انهي کانپوءِ ڊينس رڳو چنڊ نه پر مريخ، زهره، عطارد تي به پلاٽ وڪڻي رهيو آهي، 2007ع ۾ ڊينس هوپ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته روزانو تقريبن 1500 پراپرٽيز وڪڻي رهيو آهي. هن چيو ته چنڊ تي ڪنهن به پلاٽ جي جاءِ جي چونڊ لاءِ اکيون بند ڪري نقشي تي آڱر رکندو آهي، اهو ڪوئي سائنسي طريقو ته ناهي پر ان ۾ مزو ايندو آهي.