| همراهه ڏنگجڻ بعد نانگ کيسي ۾ وجهي اسپتال پهچي ويو |
نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) همراهه ڏنگجڻ بعد نانگ کيسي ۾ وجهي اسپتال پهچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر مٿرا ۾ جي ويندر نالي هڪ رڪشا ڊرائيور کي اوچتو نانگ ڏنگ هنيو ، جنهن بعد متاثر ڊرائيور علاج لاءِ فوري طور مقامي اسپتال پهچي ويو ۽ ڊاڪٽرن کي حيران ڪري ڇڏيو. هن ڊاڪٽرن کي ٻڌايو ته مونکي نانگ ڏنگ هنيو آهي ۽ اهو مون وٽ موجود آهي جنهن تي ڊاڪٽرن پڇيو ته نانگ ڪٿي آهي ته جي ويندر جيڪيٽ جي کيسي مان نانگ ڪڍي ڊاڪٽرن جي اڳيان رکي ڇڏيو، خطرناڪ ۽ زهريلو نانگ ڏسي ڊاڪٽرن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو، جنهنجي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جڏهن ته اسپتال انتظاميا فوري طور ريسڪيو عملي کي طلب ڪيو، ريسڪيو عملي پهچي وڏي جدوجهد بعد نانگ کي قابو ڪري ورتو. جي ويندر ٻڌايو ته مونکي جيئن ئي نانگ ڏنگ هنيو ته مون کيس پڪڙي ورتو ۽ فوري طور جيڪيٽ جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. ڊاڪٽرن موجب اهو نانگ تمام گهڻو زهريلو ۽ خطرناڪ آهي جڏهن ته متاثر ڊرائيور کي ويڪسين ڪري سندس حياتي بچائي ورتي.